ڪراچي/ملير (رپورٽ: شاهد ميراڻي ۽ ناز شر) سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌو درياءُ تي ٺهندڙ 6 نون ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌو درياءُ جو پاڻي بچائڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان، 18 ڊسمبر تي سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ، ان ڏس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ گھگھر ڦاٽڪ کان گورنر هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن پاران شرڪت ڪئي وئي، انتظاميا پاران شاهراھ فيصل تي ايف ٽي سي بلڊنگ ۽ ٻين هنڌن تي ريلي کي روڪڻ لاءِ ٽينڪر بيهاري روڊ بلاڪ ڪيا ويا پر ڪارڪنن سموريون رڪاوٽون ختم ڪري گورنر هائوس پهچي ويا، جتي ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، هن چيو ته وفاق پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران 18 ڊسمبر تي سموري سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسان جي ڌرڻي جي خوف کان ڪنٽينر لڳائي رستا بند ڪري ڇڏيا، اسان هتي سنڌ جي حصي جو پاڻي وٺڻ آيا آهيون، هن چيو ته 18 ڊسمبر تي سنڌ جي ٻهراڙين سميت سموري ڪراچي به بند ڪري وفاق کي ٻڌائينداسين ته ڌرتي ڌڻي سنڌ جي پاڻي جي هڪ ڦُڙي تي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن واري مامري تي منافقت واري سياست ڪري رهي آهي، هڪ طرف وڏو وزير چوي ٿو ته پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسون، ٻئي طرف ايوان صدر مان وري نون ڪئنالن جي منظوري ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جا ٻيلا ختم ڪري ماحوليات کي تباھه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڻي کانسواءِ انسان جو زنده رهڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ هي سنڌ جي 6 ڪروڙ عوام جي جياپي جو سوال آهي. اسان وٽ ڪوبه هٿيار ناهي، اسان جا حوصلا بلند آهن سنڌ جي بقا لاءِ اسان جون جانيون حاضر آهن. هن چيو ته هي سنڌ جي بقا جي تحريڪ آهي. سنڌو درياءَ ۾ سنڌ جي ٻچي ٻچي جو ساھه آهي. سنڌو بچائڻ لاءِ سموري سنڌ تيار آهي. ڌرڻي کي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو خطاب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ بعد هاڻي سنڌ جو پاڻي کسڻ چاهي ٿي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻن ٿا. سنڌ جا مزاحمتي ڪردار پنهنجي درياءَ بادشاھه جي مالڪي ڪندا. هن چيو ته 91ع واري پاڻي ٺاھه تي اڄ تائين عمل ناهي ڪيو ويو. سنڌ کي اڳ ئي حصي جو پاڻي نه پيو ملي، ويتر سنڌ جي حصي مان پاڻي کڻي پنجاب جو ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال رٿا جوڙي وئي آهي. جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڌرڻي کي ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، گلزار سومرو، هوت خان ۽ ٻين خطاب ڪيو.