ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا جي جوڙ جڪ ۽ تڪراري چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي وفاقي سرڪار ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري 7 اپريل تي جواب طلبي ورتو، زميندار قربان ميتلو پاران بئريسٽر ضمير گهمرو معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ ارسا پاران چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪئنالن لاءِ پاڻي جي دستيابي جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، بئريسٽر ضمير گهمرو جو چوڻ هو ته ارسا ۾ وفاقي ميمبر کي سنڌ مان مقرر نه ڪري سنڌو درياءِ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪڏهن ارسا ۾ وفداق ميمبر سنڌ مان هجي ها ته سنڌو درياءِ مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ها، وفاقي حڪومت جو اهڙو قدم غيرقانوني ۽ آئين جي خلاف آهي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏئي چڪي آهي ته ارسا ۾ سنڌ صوبي جا 2 ميمبر هوندا، ارسا جي موجوده جوڙجڪ غيرآئيني ۽ غيرقانوني هئڻ سبب چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي فراهمي واري ڏنل سرٽيفڪيٽ جي ڪا به حيثيت ناهي،