چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي فراهمي جو حڪمنامو 18 اپريل تائين معطل: ارسا ۾ سنڌ جي ٻٽي نمائندگي بابت 2 وفاقي سيڪريٽري طلب

0
18
چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي فراهمي جو حڪمنامو 18 اپريل تائين معطل: ارسا ۾ سنڌ جي ٻٽي نمائندگي بابت 2 وفاقي سيڪريٽري طلب
چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي فراهمي جو حڪمنامو 18 اپريل تائين معطل: ارسا ۾ سنڌ جي ٻٽي نمائندگي بابت 2 وفاقي سيڪريٽري طلب

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه )سنڌ هاءِ ڪورٽ ارسا پاران چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ واري فيصلي خلاف 18 اپريل تائين اسٽي جاري ڪري ڇڏيو، لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته مسئلي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي فراهمي بابت جاري سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل بيرسٽر ضمير گهمري موجب ارسا سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي چولستان واري علائقي کي لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي فراهم ڪيو ويندو، ڏٺو وڃي ته درخواستگذار جو موقف درست آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ارسا جي جوڙجڪ بابت ڏنل فيصلي موجب ارسا ۾ وفاقي ميمبر جو تعلق سنڌ سان هوندو آهي، ارسا جي موجوده وفاقي ميمبر جو تعلق سنڌ صوبي سان ناهي, جنهن سبب ارسا جي موجوده جوڙ جڪ سنگين مسئلن جو شڪار آهي، آرٽيڪل 155 ماهرن جي مقرري سميت مسئلي جو حل فراهم ڪري ٿو، عدالتي سوال تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اهو آپشن استعمال ڪري چڪا آهيون, عدالت تحريري حڪم نامي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وڪيلن لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لا۽ مهلت طلب ڪئي آهي، کين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي ٿي، ڌريون دستاويزن جي ڪاپي درخواستگذار جي وڪيل کي فراهم ڪن، عدالت چيو ته ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان هئڻ  تي ڪو به تڪرار ناهي، درخواستگذار جي وڪيل موجب ارسا جي جوڙ جڪ قانون مطابق ناهي، هن وڌيڪ  چيو ته ارسا پاران چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي فراهمي وارو سرٽيفڪيٽ معطل ڪيو وڃي، وڪيل مطابق پاڻي فراهمي جي سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي پاڻي جو موجوده تڪرار پيدا ٿيو آهي.  عدالت سنڌ مان ارسا جي وفاقي ميمبر جي مقرري نه ٿيڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي پاڻي ۽ اسٽيبلشمنٽ ڊويزنن جي سيڪريٽريز سيد علي مرتضيٰ ۽ انعام الله ڌاريجو کي نوٽيس جاري ڪري  7 مئي تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  بئرسٽر ضمير گهمرو عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت سنڌ صوبي مان ارسا جو وفاقي ميمبر مقرر نه ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 12 مئي 2017ع واري  فيصلي  جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، قانون موجب ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان هجڻ گهرجي، عدالتي فيصلي بعد عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ چولستان ڪئنال جي اڏوات خلاف  اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي،  ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي هاڻ ڪينالن جي اڏاوت ٿي نٿي سگهي، هن  چيو ته ارسا جي موجوده جوڙجڪ غير قانوني آهي، سنڌ بجاءِ پنجاب مان وفاقي  ميمبر کڻي تڪراري فيصلو ڪيو ويو، ارسا سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي  وفاقي حڪومت يا ان جو ڪو به ادارو ڪئنالن جي اڏاوت جو ڪم نٿو ڪري سگهي, سنڌ ها۽ ڪورٽ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان 18 اپريل تائين جواب طلب ڪيو آهي، هوڏانهن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي پ پ سينيٽر بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته ڪئنال منصوبن تي عوام جي احتجاج کي نظرانداز ڪيو ويو ته پ پ عوام سان گڏ بيهندي. نون ڪئنالن وارو منصوبو هر صورت ۾ ختم ڪرايو ويندو،ارسا جي چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي موجودگي واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيل آهي.  انهي باوجود ڪئنال منصوبا شروع ڪيا ويا، جيڪي غير قانوني عمل آهن. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب پاران سنڌو تي ٺهندڙ هر منصوبي سان سنڌ صوبو متاثر ٿئي ٿو. وزيراعظم پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه گهرائڻ واري سوال جي جواب ۾ ضمير گھمري چيو ته اسان شهباز حڪومت ڇڏينداسين ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ڪير ويندو؟ اسان ضرورت پوڻ تي وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺي سگهون ٿا هن چيو ته صدر آصف علي زرداري چولستان ڪئنال جي پاڻي بابت ڪو فيصلو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اهو سندس آئيني اختيار آهي. صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب دوران ڪئنال خلاف ڳالهائي چڪو آهي. اسان ڪئنالن واري معاملي کي ختم ڪرائينداسين.