ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو انڊس لائرز فورم پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن جي هزارين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ خلاف ڪالهه سنڌ اسيمبلي آڏو مظاهرو ڪيو ويو، وڪيلن پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي نعريبازي ڪندي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن کي  وڪيل اڳواڻ عاقب راڄپر، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، ڪاظم مهيسر، ارشد شر، خواجا نويد، حسيب ۽ عامر دايو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زمينن کي بنجر ڪرڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته  سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمين ڪاپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ وارا فيصلاواپس ورتا وڃن،  هن چيو ته فيصلا واپس نه ٿيا ته حڪمرانن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.