ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ساڃاھ وندن چولستان ڪئنال رٿا کي رد ڪندي اھو فيصلو واپس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي انھي منصوبي خلاف  قرارداد پاس ڪري وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ وومين ايڪشن فورم پاران ڪرايل سيمينار  کي  خطاب ڪندي نامياري وڪيل شھاب اوستو چيو ته پاڻي مس مينجمنيٽ  ڪري ضايع ٿئي ٿو، ھتي فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي ٽريٽ نٿو ٿئي،  تازو ٿيل آئيني ترميم ۾ آئين جي آرٽيڪل نائين اي ذريعي ماحولياتي انصاف وارو نقطو شامل ڪيو ويو آهي، ماحولياتي انصاف لاءِ پاڻي ضروري آھي،  پ پ حڪومت سنڌ جو پاڻي وڪرو پئي ڪري، صحافي رياض سھيل  چيو ته ملڪ جو وزيراعظم  چوي ٿو ته پاڻي جي کوٽ آھي، ٻئي پاسي وري نوان ڪئنال ٺاھين پيا ، نوان ڪينالن جي اڏاوت تي اربين روپيا خرچ ڪندڙ حڪومت پاڻ معاشي ۽ مالي طور ڪمزور آھي پاڻي سياسي نه پر انساني مسئلو آھي،  تبسم کوسو چيو ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، ابرار قاضي، صحافي يونس مھر ،  انيتا پنجواڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو.