ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت تڪراري ڪئنالن ۽ ارسا جي جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ تي عملدرآمد روڪڻ واري عدالتي فيصلي کي تاريخي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو، عدالتي فيصلي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران وفاقي سرڪار کان عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري ارسا ۾ ظهير حيدر شاھ کي وفاقي ميمبر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۽ تڪراري ڪينالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق وٽ ارسا جو وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر ڪرڻ وارو ڪيس رکيو هو، عدالتي فيصلي بعد اڄ اهو سچ ثابت ٿي ويو آهي. هن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاھ وفاقي حڪومت کي ظهير حيدر شاھ کي ارسا ۾ وفاقي ميمبر مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو، وفاقي سرڪار بِنا دير انهي تي عملدرآمد ڪري مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته غير قانوني وفاقي ميمبر جي صحيح سان ڪئنالن بابت جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي رد ڪري تڪراري ڪينالن وارو منصوبو به فوري ختم ڪيو وڃي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي ارسا ۾ پنهنجو پورو پورو حق ملڻ گھرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي 70 سيڪڙو کوٽ آهي، اسان شهرين کي پيئڻ جو پاڻي مهيا نٿا ڪري سگهون، اهڙي صورت ۾ ڪئنال ڪيئن ٺهندا؟