چولستان ڪئنال حساس ۽ تڪراري معاملو آهي، سنڌ ۾ سياسي جماعتون، زراعت سان لاڳاپيل تنظيمون ۽ سول سوسائٽي سراپا احتجاج آهي، وسيع احتجاجي تحريڪ شروع ٿي وئي آهي، درخواست آهي ته جيستائين گڏيل مفادن واري ڪونسل فيصلو نه ڪري تيستائين ڪئنالن جو معاملو ايڪنڪ ۾ بحث هيٺ نه آندو وڃي، سي ڊي ڊبليو کي به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جي هدايت ڪئي وڃي: سنڌ جي وڏي وزير چولستان ڪئنال جي اڏاوت تي خدشن جو اظهار ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي خط لکي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه خط ۾ چيو آهي ته 11 آڪٽوبر 2024ع تي سي ڊي ڊبليو پي غيرقانوني طور تي چولستان ڪئنال جي منظوري ڏني، سليمانڪي هيڊورڪ سان فيڊرل ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي جنهن ۾ 4 ڪئنالن لاءِ 41 هزار 22 ڪيوسڪ پاڻي ورتو ويندو، نيو فتح ڪئنال سسٽم، نيو مراد ڪئنال سسٽم، نيو هاڪڙا ڪئنال سسٽم ۽ نيو هارون ڪئنال سسٽم ٺاهيا ويندا، ان سان بهاولپور ۽ بهاولنگر جي 6 لک 10 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، وڏي وزير خط ۾ چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي سي سي آءِ ۾ ڪئنالن تي پنهنجو ڪيس پيش ڪري چڪي آهي، سي ڊي ڊبليو پي جي اجلاس ۾ به سنڌ واضح طور تي منصوبي تي اعتراض واريا هئا.