ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پهريون ڀيرو چولستان ڪئنال جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته نواز ليگ سرڪار معاهدي تي عمل نٿي ڪري، اها 26هين ترميم وقت ٿيل ڳالهين تان پوئتي هٽي رهي آهي، وفاق ۾ نه عزت ڏني وڃي ٿي ۽ نه سياست ڪئي وڃي ٿي، اسان کي فلور تي آندل بلز جي ڪاپي پڻاڳواٽ نه ڏني وئي، ڪالهه هتي صحافين سان غير رسمي ھالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته نواز ليگ پيپلز پارٽي سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، اسان ڏسنداسين ته معاهدي تي ڪيترو عمل ٿيو آهي؟ آئون احتجاج طور جوڊيشل ڪميشن کان ڌار ٿيو هئس، جوڊيشل ڪميشن ۾ هجان ها ته آئيني بينچ ۾ فرق تي ڳالهايان ها، سنڌ جِي ٻهراڙي مان سپريم ڪورٽ ۾ ڪو جج هجي ها ته برابري جي ڳالهه ڪريان ها، اسان کي انصاف جي سڀ کان وڏي اداري ۾ برابري گھرجي، ھن ملڪ ۾ 2 نظام نٿا ھلي سگهن . وفاق آئيني بينچ ۾ سنڌ لاءِ الڳ طريقو اختيار ڪيو ، سنڌ سان هر هر فرق ۽ ڌار ورتاءُ نظر اچي ٿو، دهشتگردي خلاف قدمن تي سوال اٿاريندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري رهي آهي؟ عوام جو مطالبو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي خامتي لاءِ ڳالهيون گهٽ پر ڪم وڌيڪ ڪري ڏيکاري، عوام عملي قدم چاهي ٿو، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿيڻ گهرجي، پ پ چيئرمين حڪومت تي پرپُٺ ڪارروائي جا الزام هڻندي چيو ته آئون 26هين ترميم ۾ مصروف هئس، پويان حڪومت چولستان سميت 6 ڪئنالن جي منظوري ڏئي ڇڏي، حڪومت ڪئنالز تي جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي، اُهو ٺيڪ ناهي، پي ايس ڊي پي ( وفاقي ترقياتي پروگرام ) اسان جي مشاورت سان ٺهڻو هو، اسان نون ڪئنالن تي وفاقي سرڪار سان متفق ناهيون هن چيو ته ڪجهه ججن جو طريقو اھو آھي ته اھي بينچ ۾ ويھي سياست ڪن ٿا، آئيني بينچ جي سربراھ ۽ چيف جسٽس کي غير تڪراري ھجڻ گھرجي عوام جو وڌيڪ واسطو ھيٺئن عدالتن سان آھي، سنڌ جي وڏي وزير کي چيو اٿم ته چيف جسٽس سان رابطو ڪري لوئر ڪورٽس ۾ سڌارن لاءَ ڳالهائي، جيستائين ھيٺئن عدالتن ۾ سڌارا نه ايندا، تيستائين ھي مشن نامڪمل آھي، هن چي ته پ پ چيئرمين طور منهنجي ذميواري آھي ته پارٽي جي سي اي سي کي زميني حقيقتن کان معلوم ڪريان، حالتون اھڙيون آھن جو سياسي استحڪام آساني سان اچي سگھي ٿو، عجيب آھي ته پھرين فلور تي بل اچي ويو، پوءِ قانونسازي لاءِ مونکي ڪاپي ڏني وئي، سياست عزت لاءِ ھوندي آھي سياست ۾ ناراضگي ناھي ٿيندي ، دنيا ۾ حڪومت پنهنجن اتحادين سان معاھدن تي عمل ڪندي آھي، ھن چيو ته صدر زرداري جي طبعت بھتر آھي کيس پير ۾ فريڪچر ٿيو آهي، کيس مڪمل صحتيابي ۾ وقت لڳندو، ھن چيو ته چيني شھرين تي حملن جي مذمت ڪريان ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مھمان نوازي ثقافت جو حصو آھي، چيني اسان جا مھمان آھن چين اسانجي معيشيت ۽ عوام کي فائدو پھچائڻ ٿو چاھي، عوام جو مطالبو آھي ته دھشتگردي واقعن جو سدباب ٿئي، بلوچستان کان وٺي قبيلائي علائقن تائين دھشتگردي جي باھ پکڙيل آھي، حڪومت جي ذميواري آھي ته اها ڪارروائي ڪري پر ھتي اھڙن واقعن تي بيان ۽ تعزيتي دورن جي عادت ٿي وئي آھي، عوام جو مطالبو آھي ته حڪومت رڳو ڳالهيون نه پر ڪم ڪري ھن چيو ته پاڪ آمريڪا ايترا سٺا ناهن، جيترا هجڻ گهرجن، اسين پاڪستان جي مفادن کي نظر ۾رکون ٿا، آمريڪا جي پنهنجي سياست آھي، اسين انھن مان ڪنھن جي به طرفداري نٿا ڪريون، باقي سياست ۾ ذاتي تعلقات ٿيندا آھن، ٽرمپ جي ڌيء ۽ ناٺي کي سڃاڻان ٿو، صدر آصف علي زرداري ٽرمپ کي صدر ٿيڻ کان اڳ سڃاڻي ٿو پر ذاتي تعلقاتن جي ڊپلوميسي ۾ اھميت محدود ھوندي آھي، جيو پاليٽڪس جو اثر وڌيڪ ٿيندو آھي پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا سٺا ناھن،آئون جڏهن پرڏيھي وزير ھئس تڏھن به اسانجي ملڪ جا آمريڪا سان لاپاڳا بھتر نه ھئا ـ ھن چيو ته انٽرنيٽ ۽ وي پي اين تي بندش بابت به اسان سان مشاورت نه ڪئي وئي، اسان مشورو گهرڻ تي کين سمجهايو ن ها ته هي دور انٽرنيٽ اسپيد جو دور آهي. زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ئي اسان جي معيشيت کي بھتر بڻائي سگهن ٿا، فور جي ۽ انٽر نيٽ متعلق به ڪوڙ پيو ڳالهايو پيو وڃي، هتي فور جي بدران ٿري جي پيو هلي، ھاڻي ته انٽرنيٽ سروس وڌيڪ سست ڪئي وئي آھي.