اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت سنڌو مٿان نڪرندڙ 6 ڪينالن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا، وفاقي حڪومت جي جواب ۾ چولستان ڪينال جي تعمير پنجاب حڪومت جي رقم سان جاري هجڻ جي تصديق ڪندي انڪشاف ڪيو ويو آھي ته گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو جي ايڪنڪ پاران منظوري ڏيڻ جي 11 مهينن بعد سنڌ حڪومت سي سي آءِ ۾ سمري جمع ڪرائيندي گريٽرٿل ڪينال منصوبي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي حڪومت جواب ۾ اهو به انڪشاف ڪيو آھي ته گريٽر ٿل ڪينال پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور 2008 ۾ مڪمل ٿيو ۽ وفاقي حڪومت پاران پيپلزپارٽي جي دور ۾ 2010 ۾ گيٽر ٿل ڪينال فيز ون پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي ملتوي ڪري فلسطين تي بحث شروع ڪرڻ سبب ڪينالن بابت پيش ٿيل لکت ۾ جواب تي ضمني سوال ۽ بحث جو مامرو حڪومت ٽاري ڇڏيو، ڪينالن خلاف قرارداد جي منظوري تي حڪمران اتحاد ۾ اختلافن سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان چار ڏينهن اڳ ئي اڻ اعلانيل مدت تائين ملتوي ٿي ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ پيش ڪيل لکت ۾ سوالن جي جوابن ۾ پاڻي مامرن جي وفاقي وزير معين وٽو پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر جي گرين پاڪستان انيشيٽو تحت نڪرندڙ 6 ڪينالن جا لکت ۾ تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آھن قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل جواب ۾ چيو ويو آھي ته پنجاب صوبي ۾ گريٽر ٿل ڪئنال لاءِ پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ ارسا 8 مئي 2002 تي جاري ڪيو. گريٽرٿل ڪينال غير مستقل ڪينال آھي گريٽر ٿل ڪينال فيز ون واپڊا پاران 10.17 بلين روپين جي لاڳت سان 2008 ۾ اڳ ئي مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ 2010 ۾ گريٽر ٿل ڪينال فيز ون حڪومت پنجاب حوالي ڪيو ويو، گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو جي تعمير لاءِ پيسن جي فراهمي ۽ ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جو پنجاب حڪومت ارادو رکي ٿي، گريٽرٿل ڪينال فيز ٽو جي تعمير لاءِ پي سي ون جي منظوري سي سي آءِ جي منظوري جي مشروط شرط سان ايڪنڪ جي 7 فيبروري 2024 تي ٿيل اجلاس ۾ ڏني، سنڌ حڪومت 27 نومبر 2024 تي سي سي آءِ ۾ سمري جمع ڪرائي گريٽر ٿل ڪينال جي منصوبي تي عملدرآمد روڪڻ جو مطالبو ڪيو .جڏهن ته لکت ۾ پيش ٿيل جواب ۾ پاڻي وزير ٻڌايو آھي ته پنجاب ۾ سمالر چولستان ڪئنال لاءِ ارسا 25 جنوري 2024 تي پاڻي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو. هي ڪينال به غير مستقل ڪينال آھي چولستان ڪينال کي پنجاب حڪومت جي مالي معاونت سان مڪمل ڪيو پيو وڃي چولستان ڪينال جي 225.34 ارب روپين جي لاڳت واري پي سي ون 20 سيپٽمبر 2024 تي سي ڊي ڊپليو پي ايڪنڪ کي سفارشن سان گڏ منظوري لاءِ موڪلي جنهن تي ايڪنڪ اڃان تائين غور نه ڪيو آھي چولستان ڪينال بابت سنڌ حڪومت 15 نومبر 2024 تي سي سي آءِ کي سمري موڪلي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته هن ڪينال لاءِ پاڻي جي موجودگي بابت ارسا پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ رد ڪيو وڃي پاڻي وسيلن واري وزير پاران جمع ڪيل جواب ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ريڻي ڪئنال فيز ون لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ارسا پاران 3 سيپٽمبر 2002 تي جاري ڪيو ويو اهو غير مستقل ڪينال آهي . واپڊا ريڻي ڪينال فيز ون 17.886 ارب روپين روپين جي لاڳت سان 2014 ۾ مڪمل ڪيو ۽ 2022 ۾ سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو. 12 فيبروري 2024 تي آبي وسيلن واري واري وزارت ۾ منعقد هڪ مشاورتي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت هن منصوبي جي فيز ٽو جي تجويز کي عملي جامو پهرائڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو. لکت واري جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلوچستان ۾ ڪڇي ڪئنال لاءِ ارسا 14 آڪٽوبر 2003 ۾ پاڻي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو. ان ڪينال جي فيز ون ذريعي 72 هزار ايڪڙ ايراضيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ فيز ون 2017 ۾ مڪمل ڪيو ويو جنهن کي 2022 ۾ ٻوڏ ۾ نقصان پهتو. مارچ 2025 ۾ ان منصوبي لاءِ 80.203 بلين روپيا جاري ڪيا ويا. واپڊا پاران ٻوڏ سبب جنهن حصي کي نقصان ٿيو ان جي ڪمانڊ ايريا ۾ 500 ڪيوسڪ آبپاشي وهڪري جي حد تائين بحال ڪيو ويو. ڪڇي ڪئنال جي فيز ون کي واپڊآ پاران 30 هزار ايڪڙ ايراضِ جي آبپاشي لاءِ 16 مارچ 2020 تي ايڪنڪ پاران 22.92 ارب روپين جي لاڳت جي منظوري ڏني وئي. هي منصوبو تڪميل جي آخري مرحلي ۾ آهي. 98 سيڪڙو ظاهري پيش رفت ٿي چڪي آهي. هن منصوبي لاءِ مارچ 2025 تائين 22.921 بلين روپيا جاري ڪيا يا آهن. واپڊا 2 لک 67 هزار ايڪڙ ايراضي آبپاشيءَ لاءِ 70 بلين روپين جي لاڳت سان منصوبي جي فيز ٽو جو پي سي ون تيار ڪري ورتو آهي. مجاز فورم پاران هن وقت تائين ان جي منظوري ناهي ڏني وئي. لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه سي آر پي سي لاءِ 4 اپريل 2005 تي ارسا پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو. ايڪنڪ 17 آڪٽوبر 2022 تي 189.61 ارب روپين جي لاڳت سان منصوبي جو پي سي ون منظور ڪري ورتي آهي. منصوبو ايوارڊ واري عمل ۾ آهي. مارچ 2025 تائين منصوبي لاءِ 341 بلين روپيا جاري ڪيا ويا آهن. آبي وسيلن واري مملڪتي وزير پاران لکت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٿر ڪئنال جي اين او سي جي لاءِ درخواست ناهي ڏني وئي. واپڊا 212 ارب روپين جي لاڳت سان پي سي ون جمع ڪرايو. حڪومت سنڌ کي پاڻي موجودگيءَ جي سرٽيفڪيٽ جي لاءِ ارسا کي درخواست ڏيڻي آهي. منصوبو هن وقت تائين غير منظور شده آهي.