ڪراچي(م ڊ) چولستان ڪئنال جو نالو تبديل، نئين نالي “محفوظ شهيد” سان حمايت ۾ مهم جون تياريون، ريڊيو پاڪستان سوڌو ميڊيا جي مختلف ادارن پاران چولستان ڪئنال جو نالو محفوظ شهيد ڪئنال ڄاڻايو ويو آهي، رپورٽس ۾ چيو ويو ته محفوظ شهيد ڪئنال، جنهن کي چولستان ڪئنال به چيو ويندو آهي، گريٽر چولستان ۾ 12 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندو، پنجاب حڪومت جي محفوظ شهيد ڪئنال کي حمايت حاصل آهي، محفوظ شهيد ڪئنال 176 ڪلو ميٽر ڊگهي آبي گذرگاهه آهي جيڪا سليمانڪي هيڊ ورڪس کان فورٽ عباس تائين آهي، ستلج درياهه ذريعي ٻوڏ وارو پاڻي حاصل ڪيو ويندو، جنهن سان پنجاب ۾ 1.2 ملين ايڪڙ زمين کي آباد ڪيو ويندو، ارسا پاران ان منصوبي جي منظوري ڏني وئي آهي، گرين پاڪستان انيشيٽو تحت ڪئنال منصوبو جوڙيو ويو آهي.