اسلام آباد( رپورٽ: ايم بي سومرو) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌوءَ مان چولستان سميت 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو هڪ طرفو منصوبو واپس ورتو وڃي. جڏهن ته سنڌو جي پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي. جيڪڏهن سنڌ ۽ بلوچستان جا اعتراض نه ٻڌا ويا ته اها رٿا به ڪالا باغ ڊيم وانگر تڪراري بڻجي ويندي. جيڪڏهن اوهان زبردستي پنهنجي راءِ پوري ملڪ تي نافذ ڪندا ته انهي جو اسان جي سياست، معيشت، سياسي استحڪام ۽ وفاقي هم آهنگي تي منفي اثر پوندو. پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو ته زراعت معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پ پ هميشه زراعت کي اهميت ڏني آهي، اسان به چاهيون ٿا ته پاڪستان يا پنهنجو گرين سنڌ انيشيٽوَ هجي ۽ اهو ڪامياب ٿئي. سنڌ ۾ ڪوآپريٽوَ فارمنگ سان هارين کي فائدو پهچڻ سان گڏ صوبي جي معيشت ۾ بهتري ايندي، اسان جو پلان آهي ته فيز ون ۾ اهي علائقا شامل ڪيا وڃن،جيڪي هن وقت آباد آهن، جتي پاڻي پهچي ٿو. اُتي اسان ڪوآپريٽوَ ڪليڪٽيو فارمنگ جي شروعات ڪرايون. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۽ ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي مدد ڪن، ننڍن زميندارن جو تعداد وڏن زميندارن کان وڌيڪ آهي، اسان وڏين ڪمپنين سان انهن جون ڳالهيون ڪرايون. جنهن سان نه صرف زراعت سسٽم بهتر ٿيندو به زرعي جنسن جي خريداري وارو عمل به بهتر ٿيندو. انهي سان ننڍن زميندارن کي به وڏن زميندارن وانگر فائدو پهچندو. هن چيو ته اسان وٽ برطانوي دور کان هلندڙ فلڊ ايرگريشن موسمي تبديلين واري دور ۾ پراڻو ٿي چڪو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان فيز ون ۾ جديد سمارٽ ايريگيشن تي ڌيان ڏيون. انهي اسان گهٽ پاڻي استعمال ڪري هارين کي فائدو پهچايون، هن چيو ته اسان کي ارسا پاران 91ع ٺاهه هيٺ پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته هن وقت جيترو به پاڻي ملي رهيو آهي انهي کي بهتر نموني استعمال ڪريون، هن چيو ته فيز 2 هيٺ ۾ سنڌ جي اهڙا علائقا، جِتي زراعت ناهي ٿيندي، اسان تي به زراعت واري شعبي کي سپورٽ ڪنداسين. سنڌ ۾ ٿرپارڪر، ٻين ريگستاني علائقن ۾ روايتي طريقي سان فارمنگ ته شايد نه ٿي سگهندي پر اسان اتي برساتي ڊيمن ذريعي آبادي ڪرائڻ چاهيون ٿا، اسان وڏن شهرن ۾سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائي گري واٽر پيدا ڪري زراعت لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا بلاول ڀٽو چيو ته اسان 10 سال اڳ آر او پلانٽس متعارف ڪرايا. هاڻي ماڊرن ٽيڪنالاجي هيٺ نوان آر او پلانٽس متعارف ڪرايا ويندا. جنهن سان اسان عوام ۽ سندن چوپائي مال کي پاڻي فراهم ڪنداسين. هن چيو ته فيز ون ۾سمارٽ ايريگيشن نظام مڪمل ٿيڻ بعد بچيل پاڻي فيز ٽو وارن علائقن ۾ پهچائي سگهون ٿا ، هن چيو ته جيستائين سنڌ صوبي جي ڳالهه آهي، اتي اسان جي گرين انيشيٽوَ جي سوچ هئي، هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي حڪومت کي سمجهايون ته اهڙا منصوبا جيڪي ڪالا باغ ڊيم جيان تڪرار ٿي وڃن. اهڙن منصوبن جي حوالي سان هڪ طرفا قدم نه کنيا وڃن. اوهان شراڪت دارن خاص ڪري آبادگارن ۽ هارين کي آن بورڊ وٺي اتفاق راءِ پيدا ڪريو، هن چيو ته اسان جديد اريگيشن ذريعي گرين سنڌ ۽ گرين پاڪستان رٿا کي ڪامياب بڻائي سگهون ٿا. جيڪڏهن اوهان زبردستي پنهنجي راءِ پوري ملڪ تي نافذ ڪندا ته ان جو اسان جي سياست، معيشت، سياسي استحڪام ۽ وفاقي هم آهنگي تي منفي اثر پوندو. پيپلز پارٽيءَ جي وفاقي حڪومت کي اپيل آهي ته پنهنجي فيصلي تي غور ڪري، اسان پ پ جو گرين پاڪستان ۽ گرين سنڌ جو منصوبو اوهان سان شيئر ڪنداسين. اوهان پنهنجا پوائنٽ اسان سان شيئر ڪريو. اسان جي ڪوشش هوندي ته گڏجي، اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيا وڃن