ملير (رپورٽ: ناز شر ) جي يو آءِ پاران سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي، مختلف سياسي پارٽين ۽ قومپرستن سنڌو مان چولستان سميت 6 تڪراري ڪينال ڪڍڻ واري رٿا کي رد ڪري ڇڏيو، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ سڏايل اي پي سي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو، آبپاشي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو، وقار مھدي، عاجز ڌامراهه، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو ،جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، جي يو آءِ جي صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي، جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب سميت 13 پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته 1991ع واري پاڻي معاهدي تي عمل ڪيو وڃي جنهن ۾ 37سيڪڙو حصو سنڌ ۽ 37 سيڪڙو حصو پنجاب جو آهي، هن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر چولستان ڪئنال تي سخت اعتراض ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۾ صدر جو ڪوبه ڪردار ناهي، اسان سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائڻ نه ڏينداسين، جي يو آءِ اڳواڻن مفتي عبدالقيوم هاليجوي ۽ راشد محمود سومرو چيو ته سنڌوءَ مان تڪراري 6 ڪينالن جي مسئلي تي 13کان وڌيڪ سياسي پارٽين کي گهرائي پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو آهي، هنن چيو ته سموري پارٽين کي اهو فيصلو ڏيڻ گهرجي ته اسان پاڻي معاملي تي سڀ گڏ آھيون، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو چيو ته چولستان ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ جي 7ڪروڙ ماڻهن جي بقا ۽ مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو ته سنڌو جي پاڻي تي پڇڙي وارن جو حق آهي، وفاقي حڪومت پاڻي سميت سمورن وسيلن تي قبضو ڪري رهي آهي ڪنهن به صورت ۾پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نصرالله چيو ته سنڌجي پاڻي جي مسئلي تي عوام سراپا احتجاج آهي ،سنڌ جي زراعت بچائڻ لاءِ اثرائتا فيصلا ڪيا وڃن، اي اين پي جي اڳواڻ يونس بونيري چيو ته اسان هميشه اھڙي رٿا جي مخالف ڪندا رهيا آهيون جنهن سان عوام کي نقصان پهچي ٿو پاڻي جو مسئلو معمولي ناهي ملڪ ۽ عوام جي مفادن وٽان فيصلو ڪيو وڃي، نواز ليگ جي اڳواڻ بشير ميمڻ چيو ته نوازليگ سنڌ جي عوام سان گڏ آھي، وفاقي حڪومت کان گهر ڪريون ٿا ته سنڌو درياهه جي پاڻي متعلق قومي مفادن وٽان فيصلا ڪيا وڃن هن چيو صوبا پنهنجي حصي مان ڪئنال ٺاهي سگهن ٿا، ايم ڪيو ايم جي عبدالحسيب ۽ مرڪزي مسلم ليگ جي اڳواڻ فيصل نديم سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي، اي پي سي بعد شريڪ اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌو درياهه مان سمورا ڪئنال رد ڪري ڇڏيا، هنن ملڪ گير تحريڪ هلائڻ ۽ اسيمبلين ۾ قرار دادون آڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو.