چولستان رٿا تي سنڌ جا خدشا ۽ اعتراض

0
287
چولستان رٿا تي سنڌ جا خدشا ۽ اعتراض

 پنجاب، چولستان رڻ پٽ ۾ 60 لک ايڪڙن جي نئين زرعي زمين آباد ڪرڻ لاءِ هڪ رٿا ٺاهي آهي. گذريل سال آگسٽ ۾ واپڊا پاران ان بابت هڪ فورم تي پريزنٽيشن ڏني وئي. ان مقصد لاءِ ٽي نوان ڊيم، ٻه نوان بئراج، هڪ لنڪ ڪئنال ۽ ٻه نوان فيڊر ڪئنال ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن جا تفصيل هن ريت آهن:

                 (1) قادر آباد بئراج کان هيٺ چناب نديءَ تي ٽي ڊيم ٺاهيا ويندا، انهن ۾ شاهه جيوڻا ڊيم (1.3 ملين ايڪڙ فوٽ)، چنيوٽ ڊيم (1 ملين ايڪڙ فوٽ) ۽ مڊ رانجها ڊيم (1.2 ملين ايڪڙ فوٽ).

                 (2) ستلج نديءَ تي ٻه نوان بئراج بهاول نگر (0.36 ملين ايڪڙ فوٽ) ۽ حاصل پور بئراج (0.9 ملين ايڪڙ فوٽ) تعمير ڪيا ويندا.

                 (3) چنيوٽ- حاصل پور لنڪ ڪئنال تعمير ٿيندو، جنهن جي ڊيگهه 195 ڪلوميٽر ۽ گنجائش 15000 ڪيوسڪ هوندي.

                 (4) 110 ڪلوميٽر ڊگهو فيڊر ڪئنال ۽ 130 ڪلوميٽر ڊگهو مکيه واهه ٺهندو، جنهن جي گنجائش 8500 ڪيوسڪ هوندي. ان سان 21 لک 32 هزار ايڪڙ زمين کي آبپاشي هيٺ آندو ويندو.

(5) 70 ڪلوميٽر ڊگهو فيڊر ڪئنال ۽ 100 ڪلوميٽر ڊگهو مکيه واهه ٺهندو، جنهن جي گنجائش 5500 ڪيوسڪ هوندي ۽ ان سان بهاولپور ۽ خانپور واري پٽيءَ تي 13 لک 33 هزار ايڪڙ زمين کي آبپاشيءَ هيٺ آندو ويندو. ان سموري رٿا جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو ڏيڍ ارب ڊالر لڳايو ويو آهي.

گذريل هفتي پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران ارسا اڳيان ان جي تسلسل ۾ ان رٿا جي پهرين مرحلي طور سمالر چولستان رٿا پيش ڪري ان لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي سند جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ارسا ۾ سواءِ سنڌ جي ميمبر جي ٻئي ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي. هن رٿا هيٺ لڳ ڀڳ 20 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. هن رٿا ۾ ڊيمن جو ذڪر ناهي، پر چئن ڪئنال سسٽمز جو ذڪر آهي. انهن ۾ فتح واهه، مراد واهه، هاڪڙا واهه ۽ هيرڻ واهه شامل آهن. ان سان گڏ ٽن موجود لنڪ ڪئنالن جي سڌاري جو ذڪر آهي. ان رٿا جو ڪاٿو 75 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ان رٿا ۾ سليمانڪي هيڊورڪس وٽان هڪ فيڊر واهه ڪڍڻ جو ذڪر آهي، جنهن کي فلڊ سپلاءِ چئنل ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جي گنجائش 4122 ڪيوسڪ هوندي.

پنجاب آبپاشي کاتي جي پريزنٽيشن موجب ان رٿا جي فزيبلٽي 18-2015 دوران تيار ڪئي وئي. ان جي منظوري پنجاب جي صوبائي ورڪنگ پارٽيءَ 16 نومبر 2023ع تي ڏني. پريزنٽيشن موجب ان رٿا کي مئي کان سيپٽمبر جي وچ ۾ پاڻي گهربل هوندو. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ان لاءِ پاڻي ٻوڏ وارن وهڪرن ۾ پنجاب جي حصي مان کڻڻ جو چيو ويو آهي. ان ڏس ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جي آخري ڏهاڪي ۾ 4122 ڪيوسڪ تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ جو استعمال به ڄاڻايو ويو آهي. پنجاب دعويٰ ڪئي آهي ته ٻوڏ جي پاڻيءَ مان 1.36 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مهيا ٿيندو.

ان سڄي رٿا تي سنڌ کي ڪيترائي خدشا ۽ اعتراض آهن. سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ پنهنجي دليلن تي ٻڌل جوابي دستاويز به تيار ڪيا آهن. انهن مان ڪجهه اهم خدشا ۽ اعتراض هيٺ ڏجن ٿا.

  1. ارسا وٽ رڳو 1991ع واري ٺاهه هيٺ پاڻيءَ جي ورڇ جو اختيار آهي. اها ان ٺاهه کان ٻاهر ڪنهن به رٿا لاءِ پاڻيءَ جي مهيا هجڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي.
  2. ٻوڏ جي وهڪرن تي هيڏو وڏو آبپاشي سرشتو جوڙڻ آبپاشي سائنس جي بنيادي ڀڃڪڙي آهي. ٻوڏ جا وهڪرا هر سال ناهن ايندا. پاڪستان ۾ موسمياتي ڦير گهير سبب ٻوڏن جي وهڪرن جي ڪابه ضمانت ناهي هوندي. ٻي ڳالهه ته ستلج ندي سنڌو طاس ٺاهه هيٺ ڀارت جي انتظام هيٺ آهي. ڀارت ان نديءَ ۾ ايندڙ واڌو وهڪرن کي پنهنجي سرحد اندر روڪي ۽ موڙي سگهڻ جو اختيار رکي ٿو. هاڻي فرض ڪريو ته ڪنهن سال ۾ واڌو پاڻي ستلج ۾ نٿو اچي ته پوءِ ايڏي وڏي ايراضيءَ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ 1991ع واري ٺاهه ۾ پنجاب کي مليل پاڻي ته اڳي ئي صوبي جي واهن ۾ ورهايل آهي، جن تي آبادي ٿي رهي آهي. سنڌ کي جائز خدشو آهي ته اهڙن سوڪهڙن وارن ورهين ۾ چولستان رٿا لاءِ اڻ اعلانيل طور انڊس ريور سسٽم مان پاڻي موڙي لنڪ ڪئنالن وسيلي ان رٿا جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
  3. ٻوڏن جو واڌو پاڻي هن وقت مختلف دريائن مان وهندو سنڌوءَ ۾ شامل ٿيندو آهي ۽ اهو پاڻي هيٺ وڃي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪندو آهي، جتي ماحولياتي سرشتو اڳي ئي برباد ٿي چڪو آهي. ٻوڏن جو پاڻي مٿي روڪڻ سان ڊيلٽا کي ملندڙ پاڻي ويتر گهٽجندو ۽ ان جي ماحولياتي صورتحال ويتر ابتر ٿيندي.
  4. پنجاب پاران ستلج نديءَ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ کانپوءِ هن رٿا کي ان بنياد تي تيزيءَ سان اڳتي وڌايو ويو آهي. ياد رهي ته ستلج ۾ اهو وهڪرو هندستان جي باکڙا ۽ پونگ ڊيمن ۾ غير معمولي برساتن سبب آيل وهڪرن جي نتيجي ۾ آيو هو. جيڪڏهن اهي ڊيم نه ڀرجن ها ۽ ڀارت انهن جا اٿل دروازا نه کولي ها ته ستلج ۾ اهڙو وهڪرو نه اچي ها. اها غير معمولي يعني اسپل ويز ٻوڏ 35 ورهين کانپوءِ آئي هئي. ان کي بنياد بڻائي نئين ڪمانڊ ايريا تيار ڪرڻ عقلمندي ناهي. ان کانسواءِ به ان رٿا کي رد ڪرڻ لاءِ دليل موجود آهن. سنڌ سرڪار توڙي سول سوسائٽيءَ کي ان ڏس ۾ پنهنجو موقف چٽو رکڻ گهرجي. سنڌ کي اهو مطالبو رکڻ گهرجي ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل معاملا آئيني طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اسم آهي، تنهنڪري اهي معاملا ان ڪائونسل ۾ ئي آندا وڃن. واپڊا يا ارسا ان لاءِ لاڳاپيل فورم ناهن.

تازو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران سرڪار پاران پي آءِ اي جي خانگائڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي جوڙجڪ ۾ تبديليءَ وارين منظورين کي اهو چئي روڪي ڇڏيو ته اهي ڏور رس اثرن وارا فيصلا آهن، جيڪي ايندڙ حڪومت کي ڪرڻا آهن. ساڳي ريت چولستان رٿا به ڊگهي مدي جي اثرن واري رٿا آهي، جنهن کي به ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏڻ گهرجي.

پنجاب ڪالاباغ ڊيم رٿا رد ٿيڻ کانپوءِ وقت بوقت مختلف تڪراري رٿائون آڻي سنڌو درياهه جو پاڻي موڙڻ جا سانباها ڪندو رهي ٿو. هيءَ رٿا هن وقت اسٽريٽيجڪ انويسٽمينٽ فيسلٽي ڪائونسل هيٺ آڻي ان اداري کي پنجاب جي مفادن وٽان استعمال ڪرڻ در حقيقت ان اداري کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش آهي. ٻئي طرف ارسا جي جوڙجڪ ۾ غير  آئيني طريقي سان تبديلي آڻي ان اداري کان اهڙا فيصلا ڪرائڻ لاءِ به ماحول تيار ٿي رهيو آهي. ان سان خود ارسا هڪ اداري طور تڪراري ٿي ويندو. ان طرح سان ادارن کي ڪمزور ڪرڻ سان پاڻي معاملن بابت صوبن وچ ۾ تڪرار کي وڌيڪ هٿي ملندي، جيڪا وفاق ۽ صوبن جي رشتي لاءِ به هاڃيڪار آهي. هڪ صوبي جي زمين آباد ڪرڻ جي چڪر ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ ۽ سنڌ جو وفاق سان ناتو وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ سياسي طور ملڪي ايڪي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. اهڙن فيصلن کان هن وقت پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته ملڪي معاملا اڳي ئي نازڪ مرحلي مان گذري رهيا آهن.

[email protected]