چولستان جي رٿا ۽ روهيلن جو درد

0
53
چولستان جي رٿا ۽ روهيلن جو درد

 ها، هن جو نالو غلام محمد ئي هو، جڏهن اسان چولستان ۾ سندس ان مختصر ڳوٺ ۾ هن جي اوطاق تي پهتاسين ته ان مهل سج سرمئي آسمان ۾ پنهنجون نارنگي شعاعون وڃائي رهيو هو. ڳوٺ ۾ چوپائي مال ۽ خاص ڪري اُٺ کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ دونهين ٿي ڪئي وئي. جهوني روهيلي غلام محمد جي نوجوان اسان کي تيستائين واپس پنهنجي ٿاڪ ڏانهن وڃڻ نه ڏنو، جيستائين انهن پنهنجي روايتي ميزباني ڪندي ماني نه کارائي. اوچتو اوطاق تي ويٺل روهيلن غير سياسي انداز سان ڳالهائيندي سرائڪين سان ٿيندڙ ويڌنن ۽ ناانصافين جو ذڪر ڪيو ۽ اهو به ذڪر ڪندا ويا ته سموري سرائڪي وسيب ۾ بيوروڪريسي وچ پنجاب جي علائقن مان اچي ٿي. چونڊيل نمائندن جو چڱو خاصو انگ غير سرائڪي هئڻ سبب انهن جا حق مري رهيا آهن ۽ کين ان ڳالهه جو وڏو ارمان هو ته هاڻي شايد اهو چولستان نه رهي، جيڪو سندن وڏڙن جي وقت ۾ هو. هڪ روهيلي جي آواز ۾ ته درد به هڪ ذائقي جيان محسوس ٿيو، جڏهن هن ٻڌايو ته سندن چوپائي مال جي کير ۾ نه اها خوشبوءِ آهي ۽ نه وري ڏڌ ۽ مکڻ مان اهو واس ايندو آهي، جيڪو ڪجهه سال اڳ هو. هن جو خيال هو ته اهو سڀ ان ڪري ٿيو آهي جو هنن جي چوپائي مال لاءِ اهو کليل فضائن وارو ٿر هاڻ بند ٿي ويو آهي. سندن مال کي ڍڪ جهڙن واڙن ۾ واڙيو وڃي ٿو، اهي چراگاهون ناهن رهيون، جتي سندن ڍور آزاديءَ سان وڃي پنهنجي خوراڪ حاصل ڪندا هئا. هنن جي چوپائي مال جون چراگاهون بلڪل ايئن گم آهن، جيئن منصوره جي ان ريلوي اسٽيشن کان چولستان جي هڪ وڏي حصي ۾ پٽڙين هونديون هيون، جن کي انگريزن ٻي مهاڀاري لڙائي دوران جنگي جنون سبب پٽرائي واپس کڻي ويا هئا، جن جو هاڻي نالو نشان به ناهي.

روهيلا پنهنجي لاءِ پريشان آهن ئي آهن پر سندن روهي جي چولستان ۾ آيل زرعي معيشت واريون رٿائون کانئن وسنديون ۽ وٿاڻ به ڇڏائڻ تي مجبور ڪريو رهيون آهن. اسين بهاولپور ۽ بهاولنگر ضلعن جي لڳ اڍائي ٽي سئو ڪلوميٽر ۾ گهميو ته چولستان ان طرح جو نظر نه آيو، جيڪو، ڪو صحرائي علائقو چئجي. ايڪڙ ٻيڪڙ جاين تي ته وارياسا ٽٻا، چولستاني اٺ يا وري سڌو پٽ نظر آيو، جيڪو شايد لوڻاٺيل هو. ها، هزارن ايڪڙن ۾ پوکيل ڪڻڪ جو فصل بيٺل نظر آيو، جيڪو پنهنجي شان سان سون ورني رنگ سان جهومي رهيو هو. جابجا ٽيوب ويل هئا، جيڪي سولر تي ٿي هليا ۽ گڏوگڏ هاڪڙي شاخ سميت ڪجهه ننڍن واٽر ڪورسن مان به آبادي ٿيل هئي ته ڊرپ ٽيڪنالاجي جو به سٺو استعمال ٿيل نظر آيو. چولستان جي ڪيترن ئي رهواسين جي اکين مان مايوسي واريءَ جيان ڇڻي رهي هئي ۽ سندن چهرا ڏٻرن اٺن جي کل جيان ٿيندا ٿي ويا.

پنجاب جي ڏکڻ واري حصي، جنهن کي مقامي طور سرائڪي وسيب چيو ٿو وڃي، ان جي چولستان ۾ زراعت آڻڻ لاءِ آبپاشي نظام جون وڏيون رٿائون آنديون پيون وڃن. اهي رٿائون نه رڳو اتان جي مقامي ماڻهن کي قبول ناهن پر ان سان گڏ سنڌ جي ماڻهن لاءِ به قبول جوڳيون ناهن، ڇاڪاڻ ته ملڪي دريائن ۾ اڳ ئي پاڻي ناهي ۽ گڏوگڏ سنڌوءَ جي وهڪرن تي به تمام گهڻا اثر پوڻا آهن. سرائڪي وسيب جي ماڻهن جو خيال هو ته چولستان جي زرعي ترقي سندن بي دخليءَ جو سرٽيفڪيٽ بڻجي رهي آهي. هيڏانهن سموري سنڌ به سراپا احتجاج بڻيل آهي. چولستان جي وارياسي پٽن تي بهاولپور ضلعي جي يزمان ۽ بهاولنگر جي فورٽ عباس تعلقن ۾ گهمندي اڳ ئي وڏي پيماني تي هزارين ايڪڙن تي زمين آباد ٿيل نظر آئي. سڪي ويل هاڪڙو هجي يا هزارين سال اڳ واري سرسوتي جا پيرڙا هجن، سڀ تي ڪڻڪ لڏندي لمندي نظر آئي. ان کان سواءِ نئين نهري نظام توڙي مواصلاتي سهولتن جي حوالي سان به تيزيءَ سان وڏا وڏا منصوبا عمل هيٺ هئا. روڊ تيزيءَ سان ٺهي رهيا هئا. نه رڳو اهو پر سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي متاثر ڪندڙ ان جي معاون دريائن مان پاڻي کڻڻ وارين رٿائن وارو ڪم به هلندڙ هو. جيتوڻيڪ ڪينال جو ڪم ان ڏينهن عارضي طور رڪيل هو پر وڏيون مشينون، ٽريڪٽر، ڊمپر ۽ عملو موجود هو، جيڪو ٻيهر ڪم جي تيارين لاءِ چوڪس هو. سروي واري ڪم جا به ڪيترن هنڌن تي نشان نظر آيا، آرڊين جي ماپ مڪمل ڪئي ٿي وئي. اهو مروٽ ڪينال، جنهن جي هن حصي جو ڪم ٿيل هو، جنهن کي رڳو نمونو ٻڌايو ٿو وڃي، ستلج دريا تي اڏيل سليمانڪي هيڊ ورڪس کان ٻن حصن ۾ آندو ٿي ويو. اهو ڪينال سمالر چولستان رٿا جو حصو آهي. سليمانڪي هيڊ ورڪس کان 176 ڪلوميٽر ان جو نالو چولستان ڪينال رکيو ويو، جيڪو بعد ۾ شهيد محفوظ ڪينال تجويز ڪيو ويو آهي ۽ ان مان اڳتي وڌندڙ حصي کي مروٽ برانچ ڪينال جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو حصو 116 ڪلوميٽر آهي، جنهن جي ڳچ حصي کي ٺهندڙ ڏٺو ۽ مقامي ماڻهن کان اتان مليل ڄاڻ موجب ٻنهي حصن جي ليولنگ واري سروي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ آرڊين جا نشان لڳايا پيا وڃن. مروٽ واري پاسي کان ٿيل ڪم مان اندازو ٿيو ته زمين جي ليول مٿان بندن وسيلي هڪ حصي کي تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن کي تجرباتي ٻڌايو ويو پر حقيقت ۾ اهو ٽاپوگرافي جي بنياد تي هو. اتي عملو ميڊيا جي رپورٽن تي ڪاوڙيل هو ۽ بار بار اسلام آباد مان اجازت وٺي اچڻ جي تقاضا ڪندا رهيا. اسان جي گرد ايمبولينسز ٽن ڀيرن کان وڌيڪ چڪر ڏنا. ٺهندڙ ڪينال کي ٻن ڪلوميٽرن تائين مڪمل ڏٺو پر اڳتي رستا نه هئڻ يا عملي پاران منع ڪرڻ سبب سفر نه ڪيو. اسان سان جيڪي به مقامي ماڻهو مليا، انهن پڪ سان ٻڌايو ته ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر ايئن ئي ڪم ٿيل آهي، جيئن اسان ڏٺو آهي يا وري ڪٿي حصن ۾ آهي. اسان جيڪو ٺهيل حصو ڏٺو، اهو زمين جي ليول تحت جڙي رهيو آهي، جنهن کي پاڻي فراهم ٿيئڻو آهي. سليمانڪي هيڊورڪس کان نڪرندڙ ان ڪينال جي ڊزائين نارا ۽ روهڙي ڪينال جي طرز تي ٻٽي طرح جي ٻڌائي وڃي ٿي، ڇو ته چولستان جي زميني سطح مختلف هنڌن تي مختلف آهي، جيئن وڏن صحرائن جي ٿيندي آهي، ڇو ته هي به پاڪستان جي چولستان ۾ سٺ ستر لک ايڪڙن تي ڦهليل آهي. ان ڪري ان لاءِ ان جي اڏاوت جا مختلف ذريعا ڪتب آندا پيا وڃن، جيئن واٽر ڪورسن توڙي مشينن وسيلي پاڻي کڻت ڪري سگهجي.

مجموعي طور سرائڪي وسيب وارو چولستان اٽڪل پنڌرنهن کان سورنهن هزار هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. هي بهاولنگر، بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعن ۾ سنڌ جي ريگستان تائين ڦهليل آهي. هن جي اسان پاران آباد ڏٺل زمين کانسواءِ لکين ايڪڙ ٻي ايراضي به گريٽر چولستان رٿا وسيلي آباد ٿيئڻي آهي، جنهن تي سرائڪي وسيب جي ماڻهن کي شديد اعتراض آهن.

چولستان جي ڪيتري ئي حصي ۾ هن وقت به چوپائي جي چراگاهن جي جاءِ تي ڪڻڪ، بصر سميت ٻيو فصل پوکجي پيو. جڏهن ته منصوره جي علائقي ۾ جننگ فيڪٽرين جي اڏاوت به شروع ڪئي وئي آهي. ان جو مطلب ته خريف ۽ ربيع جا فصل پوکيا ويندا ۽ انهن فصلن، ٻج توڙي زمين بابت تحقيق لاءِ ان رڻ پٽ ۾ هڪ عاليشان تحقيقي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي زڪريا يونيورسٽي ملتان سان جوڙيو ويو آهي. روڊن جو ڄار به وڇايو پيو وڃي. چولستان جي انهن علائقن ۾ وڏي پيماني تي سولر سسٽم سان گڏ بجلي جون لائنون به آنديون ويون آهن، جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران اتي ايگري مال به موجود آهي، جنهن ۾ جديد مشينري، ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائون، جديد طرز جا ٽريڪٽر، ڊرون ۽ ٻيو زرعي مقصدن وارو سامان گدامن ۾ ڀريو پيو آهي.

چولستان جي وڌيڪ حصن کي آباد ڪرڻ لاءِ دريائي پاڻي آبپاشي نظام وسيلي پهچائڻ لاءِ رٿائون ته ٺاهيون پيون وڃن پر سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن مان ان تي شديد ردعمل آهي، ڇو ته سسٽم ۾ واڌو پاڻي ناهي. سنڌو دريا يا ان جي ڀرتو دريائن جو پاڻي کڻڻ سان سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿيندي ۽ خراب ٿيندڙ ڊيلٽا وڌيڪ تباهه ٿيندي. چولستان جي اصل سونهن ۽ سڃاڻپ به کسجي ويندي. ان ڪري ئي روهيلن جو نگاهون هن وقت به سنڌ ڏانهن آهن ۽ منهنجي ڪنن ۾ ان روهيلي جو درد سان ڀريل لهجي وارو جملو اڃان به گونجي رهيو آهي: “اسان جون اکيون هاڻي به سنڌ جي ماڻهن ڏانهن کتل آهن جو اهي پنهنجي دريا لاءِ جاڳن پيا”. هو ڄڻ اهو به چئي رهيو هو ته: “اسين ته پنهنجا ستلج ۽ هاڪڙو وڃائي ويٺا آهيون!” روهي جي ڪري روهيلا سڏيا ويندڙ اهي چولستاني ماڻهو ڌاري آبادڪاريءَ جي ڪري به پريشان هئا ته کين گهرا انومان هئا ته چولستان لاءِ اها زرعي رٿا سندن سڃاڻپ جا لٽا به لاهي ڇڏيندي.

اهو روهيلن جو درد ۽ ساڳيو احتجاج آهي، جيڪو وسيب جي سرائڪي شاعر جهانگير مخلص جي هنن سرائڪي سٽن ۾ پَسِي سگهجي ٿو:

جيهڙي ساڏي سر تي رکي هئي، او پڳ هي لير ڪتيران ڪيون؟

ساڏي ڳل وچ طوق غلامي دا، ساڏي پيران وچ زنجيران ڪيون؟

يا وري ….

روح دي رُوهي رُلي ساه ستلج ڳيا

هان تون هَڪڙه دي هوڪي نڪلدي ريهي