ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ۾ ٻه هفتا اڳ لکين روپين جي ماليت جو چوري ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي جو پتو نه پيو، متاثرن جو پريس ڪلب اڳيان پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو، ميان صاحب شهر مان ٻه هفتا اڳ ايس ايچ او جي بنگلي لڳ بيٺل ڀاڳيو ڪلر جو ٽريڪٽر رات جو نامعلوم چور ڪاهي چوري ڪري ويا هئا، جنهن جو اڃا تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان سلسلي ۾ ڀاڳيو ڪلر، عبدالڪريم ڪلر،ذوالفقار ڪلر، امتياز ڪلر، علي خان ڪلر، مور ڪلر، غلام فريد ٽانوري سميت ٻين ڪيترن ئي ميان صاحب پريس ڪلب ميان صاحب پهچي ٽريڪٽر ۽ ٽرالي چوري واقعي خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته ٻه هفتا اڳ نامعلوم چور ايس ايچ او جي بنگلي اڳيان بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سميت چور ڪاهي فرار ٿي ويا، پر پوليس اڃا تائين چورن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ٻن هفتن اندر ٿاڻي تي ٽي ايس ايچ اوز مقرر ۽ بدلي ٿيا آهن پر اڃا تائين ڪنهن به ٽريڪٽر ٽرالي چوري جي جاچ نه ڪئي آهي اسان ٿاڻي جا پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس چوري واقعي جي جاچ نه ٿي ڪري،ٽريڪٽر مالڪ ڀاڳيو ڪلر چيو ته مان غريب آهيان ٽريڪٽر ٽرالي تي مٽي ڍوئي ٻچڙن جي روزي ڪندو هئس، هاڻي بيروزگار ٿي ويو آهيان، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ٽريڪٽر واپس نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو