جيڪڏهن توهان جو Android فون گم يا چوري ٿي وڃي ته هي پنج طريقا آهن جن سان فون کي ٽريس ڪري ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا، ڪوشش لازم ڪرڻ گهرجي، 100 سيڪڙو پڪ نه هجي پر گهڻا امڪان اهي آهن ته موبائل فون اوهان کي واپس ملي ويندو، مون هڪ دوست کي ايئن فون واپس ٿيندي ڏٺو آهي، جنهن کي 8 مهينا لڳا، فيس بوڪ فرينڊ به ڪنفرم ڪيو ته ان کي چوري ٿيل موبائل فون ان طرح سان واپس ملي ويو.
Find My Phone
هر انڊرائيڊ فون ۾ هڪ جي ميل آءِ ڊي Gmail ID لاگ ان هوندي آهي. جيڪڏهن توهان جو فون گم ٿي وڃي ته ان جي بند ٿيڻ يا ري سيٽ ٿيڻ کان پهريان، اوهان کي ڪنهن ٻي موبائل يا ليپ ٽاپ ۾ گم ٿيل فون واري جي ميل آءِ ڊِ لان ڪري گوگل ۾ فائينڊ ماءِ فون لکندا ته ان کان پوءِ پهرين ويب سائيٽ تي ڪلڪ ڪريو. توهان جي سامهون فون جي لوڪيشن نظر اچي ويندي يعني جتي فون موجود آهي اهو هنڌ اوهان کي ڏيکاريو ويندو، فون جو آئي ايم ي آئي Imei نمبر، فون جي بيٽري جي بچيل چارج ۽ موبائل ڪهڙي انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي اهو سڀ ڏيکاريو ويندو. پر جيڪڏهن فون چوري ٿي وڃي ته چور سڀ کان پهريان فون بند ڪندو، چور فون بند نه ڪري سگهي ۽ پاڻ فون ٽريس ڪري سگهو ان لاءِ هڪ ٻئي طريقي ڏانهن وڌون ٿا
Phone Tracking App
فون ۾ پهريان ئي هيمر سيڪيورٽي Hammer securityنالي هڪ ايپ انسٽال ڪري رکو، هي ايپ فون جي لوڪيشن ڪئمرا جون تصويرون ۽ مائڪ رڪارڊنگ حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ چور موبائيل کي بند نه ڪري سگهي اهو سسٽم هن ايپ ۾ موجود آهي ، هي ايپ فون بند ٿيڻ ناهي ڏيندي، پاور آف بٽڻ کي دٻائڻ تي، هڪ جعلي پاور آف بٽڻ ڏيکاريو ويندو، ان کي دٻائڻ تي، فون جعلي بند ٿي ويندو، يعني، رڳو اسڪرين بند ٿي ويندي، پر فون اصل ۾ آن هوندو، توهان هن ايپ جي ويب سائيٽ تان فون جي سموري معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ ٽريس به ڪري سگهو ٿا.
Sim Change SMS
مٿي ذڪر ڪيل ٻن طريقن سان موبائيل ۾ انٽرنيٽ جي ضرورت هوندي آهي پر هاڻي جيڪو طريقو توهان کي ٻڌايون پيا ان ۾ انٽرنيٽ جي ضرورت ناهي ان طريقي ۾ توهان کي موبائل ۾ هڪ ايپ انسٽال ڪرڻي آهي جنهن ۾ توهان کي هڪ بيڪ اپ نمبر يا گهر نمبر ڏيڻو آهي. جڏهن توهان جي چوري ٿيل موبائيل ۾ سم ٻي لڳائي ويندي ان سم مان توهان جي نمبر تي هڪ ايس ايم ايس اچي ويندو، جنهن ۾ توهان کي موبائل ۾ هلندڙ نمبر جي خبر پئجي ويندي. پر شرط اهو آهي ته سم ۾ ايس ايم ايس بيلنس هجي ۽ موبائيل ري سيٽ نه ڪئي وئي هجي. ڪجهه عرصو اڳ LEO Security نالي هڪ ايپ پلي اسٽور تي موجود هئي جنهن ۾ هي فنڪشن موجود هو پر هاڻي اها پلي اسٽور تي موجود ناهي.
هڪ عام ماڻهو مٿي بيان ڪيل اهي ٽي طريقا ئي استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ انهن لاءِ ضروري آهي ته موبائل گم ٿيڻ ۽ چوري ٿيڻ کان پوءِ فوري طور تي اهو عمل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن موبائل ري سيٽ ٿي وڃي ته مٿي ذڪر ڪيل طريقن مان ڪو به ڪم نه ڪندو. موبائل جي IMEI نمبر ذريعي ٽريڪ ڪرڻ عام ماڻهوءَ لاءِ ممڪن ناهي ۽ نه ئي اهڙيون شيون عام ماڻهن لاءِ دستياب آهن.
Police Report
توهان جي چوري يا گم ٿيل موبائيل فون جي پوليس رپورٽ ڪرڻ لازمي آهي، هڪ ته موبائيل فون ڳولڻ ۾ مدد ملندي، ٻيو ته توهان جو موبائل فون ڪنهن واقعي ۾ استعمال ٿي ته ان صورت ۾ اوهان نه ڦاسندا ڇو ته اوهان جي رپورٽ اڳ ئي پوليس وٽ داخل ٿيل آهي، پوليس کان پنهنجي سسٽم ۾ توهان جي موبائل جو آئي ايم اي آئي نمبر داخل ڪرايو. اهو سڀني دڪاندارن لاءِ لازمي آهي ته ڪو به موبائل خريد ڪرڻ کان پهريان E Gadgtes نالي ايپ ۾ ڪا به موبائل فون خريد ڪرڻ کان اڳ چيڪ ڪن. جيڪڏهن توهان جو موبائيل ڪنهن دڪان تي وڪڻڻ لاءِ اچي ته فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪو ماڻهو موبائل کڻي اچي ان کي پڪڙيو وڃي ۽ پوليس توهان کي فون ڪري چوندي ته توهان جو موبائيل فون ملي ويو آهي، اچو ۽ کڻي وڃو. پر ان ۾ وقت لڳي سگهي ٿو پر موبائيل ملڻ جا چانس آهن، مان پاڻ به اهڙي طرح موبائيل فون واپس ملڻ جو اکين ڏٺو شاهد آهيان
Private Tracking
هن طريقيڪار ۾ پئسا ڏئي ڪري پنهنجي موبائل فون جو Imei نمبر ٽريس ڪرايو ويندو آهي، ٽريڪنگ ته موبائيل ڪمپني يا ڪنهن اداري ذريعي ڪئي ويندي آهي، پر ان ۾ ماڻهو وچئين ماڻهو طور ڪردار ادا ڪندا آهن، يعني توهان کان پئسا وٺي توهان کي ٽريس ڪرائي ڏيندا آهن. موبائل ۾ هلندڙ سم جو نمبر ۽ جنهن جي نالي سان سم آهي ان جو نالو ايڊريس، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ لوڪيشن ملي ويندي آهي.تنوير اعوان …. (ايڪس تان ورتل)