واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ دلچسپ ۽ غير معمولي واقعو پيش آيو جڏهن پوليس هڪ چور جي پيٽ مان هيرن جون واليون هٿ ڪيون ويون.آمريڪا ۾ پوليس هڪ چور جي پيٽ مان هيرن جون واليون هٿ ڪيون آهن. اهو تڏهن ممڪن ٿيو جڏهن، چوري کان پوءِ، جوابدار ثبوت لڪائڻ لاءِ گرفتاري جي خوف کان قيمتي واليون ڳهي ويو .پوليس کي اڳ ۾ ئي شڪ هو ته هن زيور ڳهي ڇڏيا آهن، تنهن ڪري کيس اسپتال پهچايو ويو جتي ايڪس ري ۽ طبي اسڪين ذريعي ان جي تصديق ٿي. ڊاڪٽرن چور جي پيٽ مان سرجري جي مدد سان ڪنن جون واليون ڪڍيون .ڊاڪٽرن چيو ته ڪجهه حالتن ۾، جيڪڏهن زيور ٻاهر نه نڪرندا آهن ته اينڊو اسڪوپي يا معمولي سرجري جي ضرورت پوندي آهي.