سن(ن پ ا) سن شھر ۾ ھر سال جيان ھن سال به عيدالفطر جي ٽئين ڏينهن تي آزاد آرٽ سرڪل سن طرفان سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ قسم پيش ڪيو ويو ھن ڊرامي ۾ ٽي وي فلم اسٽيج جي بھترين اداڪارن سنڌيا سنڌي رفيق ملاح ساجدان سنڌو شنيل سنائي حاڪم اڃڻ زوھيب شاھ ڪاظمي سوز علي مري پنهنجي اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا ھن ڊرامي جو ڊائريڪٽــر شاھنواز شاھاڻي، ڊائريڪٽر سيد زوھيب شاھ ڪاظمي ۽ ڪھاڻيڪار لالا محمد علي ٿھيم ھو. ھن ڊرامي جي ڪھاڻي ۾ ڏيکاريو ويو ھڪ عزت دار ۽ خودار پيءُ آهي جيڪو پنهنجي گهر جي گاڏي کي هلائڻ جي لاءِ محنت مزوري ڪري ٿو ان جو وڏو پٽ پنهنجي سڳي مامي ۽ لوفر دوستن جي صحبت ۾ اچي چوريون ۽ ڦرون ڪري ٿو جنهن جي خبر سندس پيءُ ۽ مڱينديءَ کي پئجي وڃي ٿي جيڪي ھن جي مٿان سخت تنقيد ڪري ھن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جنهن کان پوءِ ھي قرآن پاڪ تي ھٿ رکي چوريون ۽ غلط ڪم ڇڏڻ جو قسم کڻي ٿو جنهن کان پوءِ سندس گهر ۾ خوشين جو ماحول ٿي وڃي ٿو. سندس شادي جون تياريو ڪيون وڃن ٿيون. ھي آخري ڀيرو پنهنجي عادت کان مجبور ٿي چوري ڪري ٿو جتي کيس گولي لڳيڌ ٿي سندس لاش گهر پھچڻ تي سندس گهر ڀاتين جون خوشيون ماتم ۾ بدلجي وڃن ٿيون. ڊرامي جي ڪھاڻي ڏسندڙن کي خوب پسند آئي، سن مانجھند سيوھڻ دادو سڪرنڊ سميت آس پاس جي سياسي سماجي ماڻھن سھراب پليجو، غلام نبي شاھاڻي، غلام علي ڇڇر، خورشيد عالم ميمڻ، امان الله شاھاڻي ۽ اداڪارن لالا رفيق احمد زنئور، منظور آڪاش، نظر رونجھو، انعام انڙ، محمد حسن جانوري، انور حاجاڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ھن ڊرامي ۾ سائين جي ايم سيد جي پڳدار پٽ سيد امير حيدر شاھ جي ياد ۾ آزاد آرٽ سرڪل سن طرفان سياسي سماجي ماڻھن صحافين اداڪارن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا، ان موقعي تي يونس سنائي شاھنواز شاھاڻي راجا عنايت سولنگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سائين منير حيدر شاھ ۽ سن ٽائون انتظاميا کي اسان اپيل ٿان ڪيون ته ھر سال پروگرام ڪرڻ جي لاء اسان کي حال جي لاء پريشانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو اسان کي حال ٺهرائي ڏنو وڃي جيئن اسان کي پروگرام ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.