سجاول(رپورٽر) سجاول ۾ پريس ڪلب مان چوري، چور پريس ڪلب مان فرنيچر چوري ڪري ويا. ان سلسلي ۾ نيشنل پريس ڪلب سجاول مان گذريل رات اڻڄاتل چور پريس ڪلب جا تالا ٽوڙي ڪرسيون، ٽيبلون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا. پريس ڪلب مان چوري تي صحافين نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ، سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي صدر ملڪ طارق محمود اعواڻ، نديم ميمڻ، امام ڏنو رانٽو، رياض ميمڻ، نزاڪت علي شاھه، خالد طاھراڻي، شھباز حسن، عبدالرشيد خاصخيلي، بابو ڪنڊرا، مرزا قمبر حسن بيگ، دلدار حسين ميمڻ، وزير ڪنڊرا، اڪبر خان، سچل شورائي، بابو لٺاڻ، زبير ميمڻ، وقار غفور ميمڻ، قادر ڏنو ڀٽي، حاجي صديق نوراني، ڪاشف جوڻيجو سميت سياسي سماجي تنظيمن سجاول بار ايسوسيئشن، عوامي تحريڪ، شاگرد جدوجھد، سجاول نوجوان اتحاد ۽ سڄاڻ ڌرين سميت شھرين ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي. ھنن جو چوڻ آھي ته سجاول ۾ چورين ۽ ڦرون جو آزار وڌي ويو آھي. روڊ رستن ۽ گھرن ۾ ته ماڻھون اڳ ۾ ئي محفوظ ناھن پر ھاڻ مظلوم عوام جي آواز ۽ اميدن جي اداري پريس ڪلب غير محفوظ آھن. ھنن چيو ته نيشنل پريس ڪلب سجاول ضلعي جي مظلوم عوام جو ھڪ سگھارو آواز آھي، جنھن مان چوري جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي نيشنل پريس ڪلب مان چوري ڪندڙن چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي واردات جي اطلاع تي ايس ايچ او اڪبر چنا پريس ڪلب پھچي چوري جا تفصيل ورتا ۽ چورن کي گرفتار ڪري رڪوري جو يقين ڏياريو.