چنڊ تي انسان نه آهي ويو ان جي حمايت ۾ ڪجهه دوست هڪڙوئي اعتراض ڪندا آهن ته جي پنجاھ سال اڳ ويو هيو ته هاڻي ڇو نه ٿو وڃي، يار ان جا ڪجهه سادا سودا جواب ڪجهه هن ريت آهن ته:

چنڊ هڪ پڪنڪ پوائنٽ ته آهي نه جو روز روز وڃجي، هڪ ته چنڊ تي انسان جو پڄڻ هڪ سائنسي اچيومنٽ هئي جيڪا پوري ٿي، ٻيو ته جيڪي سائنسي تجربن خاطر چنڊ تي تنصيبات آهن اهي اڄ به ڪم ڪن پيون، ٽيون ته جنهن ڏينهن انسان چنڊ تي مستقل خلائي اسٽيشن جوڙي ته اتي بار بار ويندو به صحيح ۽ رهندو به اتي، چوٿين ڳالهه ته چنڊ تي هڪ دفعو وڃڻ لاءِ کربين روپيا لڳندا آهن، جي ڪنهن وٽ ايترا وڌارا پئسا ته ٻڌائي مان ڪيان ٿو ناسا وارن سان رابطو.

آخري ڳالھه ته سائنسدان جيڪي دنيا جا بهترين پڙهيل لکيل، مهذب، ايماندار، انسانيت جو درد رکندڙ ۽ پنهنجيون عمريون ان مقصد لاءِ ڳاري ڇڏڻ وارا انسان آخر اهڙا ڀوڳ درويش الباڪستابين سان ڇو ڪندا.

مهل سان ٻين جي تحقيق ۽ تجربي مان فائدو وٺو ۽ پنهنجو قيمتي وقت بچائي ڪنهن مقصد واري شي لاءِ استعمال ڪيو.

نوٽ:- ھيٺ تصويرن ۾ ھڪ تصوير چنڊ جي پٿر جي بہ جيڪو ڪراچي ميوزيم ۾ رکيل آهي اھڙا ڪيترائي پٿر 1969 ۾ چنڊ تي ويندڙ نيل آرم اسٽرانگ ۽ بزالڊر آندا ھيا جيڪي مختلف ملڪن کي ڏنا ويا ھئا  ھڪ پاڪستان کي به ڏنو ويو ھو …