چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ  ۾ مليريا وگهي معصوم ٻارڙي فوت، ان ڏس ۾ 4 ڏينهن اڳ  ڳوٺ متارو ماڇي واسي پورهيت  محرم سولنگي جي معصوم نياڻي زويا سولنگي جي چمبڙ خانگي اسپتال مان مليريا جي ٽيسٽ ڪرائي وئي، وارثن موجب  ته رپورٽن ۾ معصوم نينگري کي مليريا پازيٽو آئي،  جنهن بعد تيز بخار اچڻ سبب ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪيو، جتي معصوم دم ڏئي ڇڏيو.