چمبڙ  (ن پ ا) چمبڙ جي يونين ڪائونسل لانڊي مسوبوزدار ۽ ٻين علائقن مان برسات جي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ تي چمبڙ جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، درخواستگذار مشتاق علي اوٺو، شاد شاهنواز عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏھن ته سنجر چانگ ٽائون جو چيئرمين چوڌري فاخر، ٽائون آفيسر سيف الرحمان ميمڻ، يوسي لانڍي جو چيئرمين سيد احمد شاھ بخاري، لاڳاپيل سيڪريٽريز ۽ ٻيا ڪورٽ آڏو پيش ٿيا،  ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار، اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ۽ ٻين آفيسرن پاران مهلت گهري وئي،عدالت برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪندي 9 تاريخ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.