چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ڀرسان 10 ورھين جو نينگر راند ڪندي پاڻي واري کڏ ڪري فوت ٿي ويو آھي. مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت نينگر جو لاش ٻاھر ڪڍي وارثن حوالي ڪيو ان ڏس چمبڙ جي يوسي نصير خان لغاريءَ ۾   10 ورھين جو نينگر راشيد پٽ نعيم مڱڻهار گھر ٻاھران راند ڪندي پاڻي واري کڏ ۾ ڪري فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر گھر ٻاھران راند کيڏندي اوچتو ڪري پيو، اطلاع ته مقامي ماڻهن واقعي واري پھچي نينگر کي ٻاھر ڪڍي مقامي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو جنھن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنھن بعد وارث لاش گھر کڻائي ويا لاش گھر پهچڻ ته گھر اندر ڪھرم مچي ويو.