چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ جي ڳوٺ ڏيارام ڪولھي ۾ ٻوڏ متاثر پورھيت ڌنجي، ڪولھي جو اڌائي ورھين جو معصوم پٽ کيمچند ڪولھي گھرن ڀرسان ھٿرادو ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. جنهن بعد سندس گھر ۾ ڪھرام  مچي ويو، ٻارڙي جي امڙ کي بيھوشي جا دؤرا پئجي ويا. هتان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڏينھن گذري چڪا آھن ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، ماڻھو بي موت مري رهيا آهن، علائقي ۾ خوف پکڙجي چڪو آھي. انتظاميا بي خبر بڻيل آهي، هنن چيو ته چونڊيل نمائيندن جي نااھلي سبب تعلقي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي ۽ سوين ڳوٺ ٻڏل آھن ھزارين مسڪين بي گھر بڻجي روڊن تي پناھگير بڻجي بي موت مرڻ لڳا آهن.  اختياريون نوٽيس وٺن.