چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ڀرسان ڳوٺ راوت لغاري  ۾  چوپائي مال جي ڀيل تان ڪوري ۽ سولنگي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪھاوڙيون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو  50 ورھين جو پيرسن ھوت سولنگيءَ  فوت ٿي ويو جڏھن ته ھڪ نينگر ضمير سولنگيءَ  زخمي ٿي پيو آھي جڏھن ته  فوتي جو مڙھ ضروري ڪارروائي لا چمبڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو ڊاڪٽرن جي  ابتدائي رپورٽ  طور ته فوتي کي ظاھري ڌڪ جو نشان ڪٿي به  نظر نه پيو اچي  فوت جي کيسي مان دل جي بيماري جون دوائون پڻ مليون آھن  فوتي جي موت جو سبب دل بيھڻ سبب تي سگھو ٿو وڌيڪ پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ابتدائي رپورٽ موجب طبي موت ٿيو ٻي پاسي زخمي نينگر ضمير سولنگي  الازام ھڻند۔ي ٻڌايو ته اسان جو بابا ۽ آئون ٻڪريون چارڻ لاء ويا سون ته زميندار اسلم ڪوري  منھنجي بابا مٿان لتن ۽ مڪن جا وار ڪري قتل ڪيو آھي ٻي پاسي ڊاڪٽرن موجب پيرسن جو لاش اڌ ڪلاڪ اڳ ئي فوت ٿيل  باڊي اسپتال پھتي ھئي ٻي پاسي  ذريعن موجب چمبڙ پوليس اسلم ڪوري سميت شڪ جي بيناد تي  ڪجھ ماڻھن کي گرفتار به ڪري ورتو آھي ۽ پوليس موجب وڌيڪ جانج جاري آھي آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.