چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ لڳ ڳوٺ حاجي بچل لنڊ ۾ ڪولھي برادري جي ٻن پورهيت ڏيارام، نانجي ڪولھي، جي ٻن گهرن کي اوچتو باھه لڳي وئي، تيز طوفاني هوائن سبب ٻن پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا ۽ گھرن ۾ پيل قيمتي سامان ڏھه مڻ ڪڻڪ، سون چاندي، ھنڌ بسترا، پيتيون پيتين ۾ رکيل ٿانو ڪپڙا پورھئي جا ڏھه ھزار روڪ رقم سميت الھه ٿلھه سڙي رک جو ڊير بڻجي ويا، متاثر ڪٽنب، ڏيارام پٽ ڪانجي نانجي ڪولهي ٻڌايو ته اسان گهرن ڀرسان مزدوري تي نڪري وياسين اچانڪ اسان جي گهرن کي باھه لڳي وئي، باھه سبب منهنجو ۽ منهنجي پٽ جو ڪکن جا ٺهيل گهر سڙي رک ٿي ويا، باھه متاثر ڪٽنب هن شديد گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ بيارو مددگار ويٺل انھن وس وارن کان مالي سھتا جي اپيل ڪئي آهي.