چمبڙ(ن پ ا) چمبڙويجھو نصير ڪئنال مان پيرسن جو لاش ھٿ آيو آهي. ان ڏس ۾ چمبڙ ويجھو نصير ڪئنال جي تھراڻي موري وٽان پيرسن جو لاش مليو اطلاع تي پوليس لاش پاڻي مان ڪڊرائي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال آندو لاش جي سڃاڻپ 55 ورھين جي ابرھيم شاھ طور ٿي آھي، جيڪو ٽنڊوالھيار جو رھواسي ھو پوليس موجب پيرسن ٻن ڏينھن کان گم ھو جنھن جو لاش نصير ڪئنال مان مليو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.