چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ  ويجھو اي ڊي فارم لڳ ناري جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،  ڄاڻ موجب  زميندار اسلم بوزدار جي زرعي زمين تي ويٺل 35 ورھين جي ويرو زال شمبو ڪولھي جو سندس گھر  مان لاش هٿ ڪيو ويو،  ڊاڪٽرن جي  ابتدائي رپورٽ موجب واقعو خودڪشي لڳي رھيو آهي،  ٻي پاسي ناري جي مڙس شمبو ڪولھي ٻڌايو ته اسان ٻني جي  ڪم ڪار سان نڪتل ھئا سون ته ناري جو گھر اندر ڦاھو کاڌل  لاش مليو،  ڪنھن سان به دشمني ناھي، خبر ناهي سندس زال ڇو آپگهات ڪيو آهي.