چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ويجھو غريب شاخ م پير ترڪڻ سبب 4 ورھين جو ٻارڙو ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. 5 ڪلاڪن بعد لاش ھٿ آيو. چمبڙ ويجھو يونين اسٽاپ جو راھوسي 4 ورھين جو حسن مري گھر ٻاھران راند ڪري رهيو هو ته غريب شاخ ۾ ڪري پيو جيڪو ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي ايريگشن عملدارن کان شاخ مڪمل بند ڪرائڻ بعد علائقي واسين جي مدد سان ٻڏي ويل ٻارڙي جو لاش 5 ڪلاڪن بعد فاضل اسٽاپ وٽان هٿ ڪيو، ھوڏانھن فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.