چمبڙ(ن پ ا) چمبڙ ڀرسان گذريل ڏينهن قتل ٿي ويل ڳوٺ راوت لغاري  واسي 50 ورھين جي پيرسن ھوت سولنگيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، مقتول جي پٽ غمشاد علي جي فرياد تي فرياد چمبڙ ٿاڻي ڪيس اسلم ڪوري مٿان داخل ڪيو ويو آھي، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي  نامزد جوابدار اسلم ڪوري کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏهن ته زخمي نينگر ضمير سولنگي جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي، هوڏانهن  پوليس جو چوڻ هجو ته ڪيس داخل ڪيو آهي، جوابدار کي  به حراست ۾  ورتو ويوآهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته گذريل  فصل ۾ مال پوڻ سبب جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مقتول  هوت سولنگي مارجي ويو هو،  نينگر زخمي ٿي پيو هو .