چمبڙ (رپورٽ: هادي بخش لغاري) چمبڙ جي سب ڊويزن بڪيراڻي جي زئنور شاخ جي پوڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن چمبڙ ايريگيشن آفيس آڏو علامتي جنازو رکي ڌرڻو هنيو، آبادگارن اشفاق احمد، منير احمد، ذاڪر علي، نور احمد ٽنگڙي ۽ ٻين چيو ته زئنور شاخ جي پوڇڙي ۾ ٻن مھينن کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ڪري اسان جو معاشي قتل عام ڪيو وڃي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايس ڊي او ۽ ٻيا ايريگيشن عملدارا اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي وڪرو ڪري ڏئي رهيا آهن، ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، هنن سنڌ حڪومت، آبپاشي سيڪريٽري، چيف انجنيئر سکر ۽ ٻين کان اپيل ڪئي ته چمبڙ جي بڪيراڻي سب ڊويزن ايس ڊي او ۽ ٻين ايريگيشن عملدارن کي ھٽائي ايماندار عملو مقرر ڪري پوڇڙي ۾ پاڻي جي پهچ يقيني بڻائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.