بيجنگ(انٽرسٽنگ نيوز) چين جي هڪ پيرسن 107 سالن جي عورت جي مٿي تي سِڱُ نڪري آيو، گوانگ ڊونگ سان تعلق رکندڙ پيرسن عورت جي مٿي تي سڱ نڪري آيو. چين نالي عورت جي مٿي تي سڱ نڪري آيو، مقامي ماڻهو سندس مٿي تي سڱ نڪري اچڻ سندس ڊگهي عمر جي راز قرار ڏين ٿا، چين نالي عورت جي صحت اڃا تائين تمام بهتر آهي، هوءَ چڱي طرح کائي پيئي ٿي ۽ ان ۾ ٿڪاوٽ يا مايوسي به نٿي ٿي. چين نالي عورت جو چوڻ آهي ته سڱ سان مونکي ڪابه تڪليف نه پهتي آهي، اها ان ڳالهه تي شڪر ادا ڪندي رهندي آهي ته منهنجي صحت تمام سٺي آهي ۽ هوءَ اڃا به زندگي مان لطف اندوز ٿي رهي آحي. وڏي عمر ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مٿي تي سڱ نڪري ايندو آهي، ڊاڪٽر چوندا آهن ته ان نوعيت جي سڱ تي نظر رکڻ گهرجي ڇوته ان سڱ جي نتيجي ۾ ڪينسر به ٿي سگهي ٿي.