پي آءِ اي نجڪاري بابت سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، ادارن جي تباهي کان نجڪاري تائين واري عمل تي سوال اٿاريو ويو، دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. ان حوالي سان حفيظ لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي آءِ اي 10 ارب ۾ وڪرو ٿيڻ جي ڳالهه حيرت جوڳي لڳي ٿي پر اصل ۾ ڪمپني تي مالي خسارو 700 ارب ۽ 7000 کان مٿي ملازمن جو بار الڳ آهي. انهن سميت ڪو پي آءِ اي 10 ارب ۾ وٺي ته مطلب 710 ارب ۾ وٺندو. ان ڪري ئي ڪو خريدار دلچسپي نه پيو وٺي. گل ميتلو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته “چريا کريا آهيون، پر سمجهون سڀ ڪجھه ٿا”. ڪراچي جي هڪ 3 اسٽار هوٽل جي قيمت 14.5 ارب رپيا. پي آءِ اي جهڙي اجگر اداري جي نيلامي ۾ آڇيل ملھه رڳو 10 ارب روپيا. پي آئي اي ۾ گهڻن جون نظرون کتل آهن، خيبر پختونخوا صوبائي سرڪار پي آءِ اي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. ان ڏس ۾ هنن وفاقي سرڪار سان لهه وچڙ شروع ڪري ڏني آهي. ٻئي پاسي پنجاب ۾ نوازشريف ۽ مريم نواز به پاڻ ۾ صلاح مصلحت پيا ڪن ته پي آءِ اي کي حاصل ڪجي، ان کي پنجاب ايئر لائين جو نالو ڏجي يا هڪ نئين پنجاب ايئر لائين قائم ڪجي. خبر ناهي ته ان سڄي راند ۾ سنڌ جي صوبائي سرڪار ۽ سنڌي شاهوڪار به هن صنعت ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرن ٿا يا نه. پي آءِ اي هڪ پوري ملڪ جي عوامي ملڪيتي ڪارپوريشن آهي. ان ۾ ملڪ جي سمورن صوبن جو حصو پتي آهي. ان کي هڪ يا ٻن صوبن جي اختيار ۾ نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون ان ڏس ۾ پنهنجي حصي پتي جي مالڪي حاصل ڪرڻ بابت دعويداري جو مناسب مؤقف جلد پڌرو ڪن. سنڌ جي صوبائي سرڪار کي به گهرجي ته هو سنڌ جا سمورا روڊ، سامونڊي بندر، اسٽيل مل، ڪي اليڪٽرڪ، تيل ۽ گيس جا ذخيرا ۽ ٻيا وسيلا پنهنجي تحويل ۾ وٺي، پنهنجي انتظام ۾ يا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي هلائي. اهي سڀ ادارا بنيادي طور تي صوبائي اسم آهن. اهي صوبن کي واپس ڏنا وڃن. جنهن تي حريف چانڊيو پوسٽ سان اتفاق ڪيو، محسن رند لکيو ته پهرئين هٿرادو ادارا ناڪام ڪرائيندا آهن پوءِ ڀائٽين ڀاڻجن ۽ ڌيئرن يان انهن جي منشين هٿان کربين رپين جي ادارن کي ڀڳڙن مٺ وٺي وري فعال ڪري هلائيندا آهن اها نواز سرڪار جي شروع کان وٺي پاليسي رهي آهي. عبدالقدير ميمڻ لکيو ته بحريه ٽائون جا چار بنگلا، بخت جمال شيخ لکيو ته نجڪاري وارو وزير ئي ريئل اسٽيٽ بابو آهي، دستگير عقيلي لکيو ته پاڻ وٽ حڪمران طبقو اقتدار ۾ ايندو ان نيت سان آھي ته رياستي وسيلن کي استعمال ڪري پنهنجي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪري. اڪبر سومرو لکيو ته منهنجي خيال ۾ اھو شيئر ھئو. پر ته به گھٽ ھئو. عبدل جي شيخ لکيو ته کرب پتي چورن جو ناني ويڙهو هلندو رهندو، ڊاڪٽر سيد عمران شاهه لکيو ته لٽمار جو زمانو آهي، لٽيو وري موقعو ملي الائي نه، عبدالسلام سنڌي لکيو ته هي سڌي سنئين دادا گيري آهي، اشرف عباسي لکيو ته پنھنجا نوازڻ نامنظور، ايم هاشم سهتو لکيو ته بلڪل سڀ ڪجھه سمجھون ٿا، مجيد گبول، راشد ٽالپر به ردعمل ڏنو، سچل ڀٽي لکيو ته ڪھڙا ڪھڙا سور پٽيون، مولابخش محبتي به ردعمل ڏنو. حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي آءِ اي کي خساري مان ڪڍڻ جو واحد حل جهازن کي روڊن تي هلايو وڃي. جنهن تي رخسانه پريت لکيو ته ڪراچي حيدرآباد جي وچ۾ شروع ڪن سڀ ماڻهو جهاز ۾ چڙهندا، شاهد خاصخيلي لکيو ته مختلف چوڪن تي بيهاري سڀني جهازن ۾ ريسٽورنٽ کولي ڇڏن ته اڃا وڌيڪ ڪمائيندا، نظِير ميمڻ لکيو ته واهه جي صلاح ڏني اٿو، مير باقر لکيو ته سڀ ڊراميباز آهن.