چترال (م ڊ) پاڪ افغان سرحد واري شهر چترال جي علائقي ڪيلاش ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ 4 فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 12 دهشتگرد به مارجي ويا. ان ڏس ۾ پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب چترال جي علائقي ڪيلاش ۾ پاڪ افغان سرحد وٽ دهشتگردن پاڪ فوج جي ٻن چوڪين تي فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي جواب ۾ پاڪ فوج جي جوانن به فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ چار فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 12 دهشتگرد به مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشترگدن جي وڏي تعداد جديد هٿيارن سان حملو ڪيو. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترائي دهشتگرد زخمي به ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب پاڪ فوج جي جوانن اثرائتي ۽ تڪڙي جوابي ڪارروائي ڪئي. حملي کان پوءِ پاڪ فوج جي جوانن ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو. علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڌيڪ دهشتگردن جي هجڻ جي خدشي سبب سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. آخري دهشتگرد ختم ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو. آءِ ايس پي آر موجب حملي جي خدشي سبب اڳ ئي فورسز چوڪس هيون. ڪنڙ سميت مختلف علائقن جي ڀر سان سرحد پار ۾ دهشتگردن جي چرپر بابت افغانستان جي عبوري حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو. اميد آهي ته افغان حڪومت پنهنجي ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندي. افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.