راولپنڊي( م ڊ) چترال م سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ سبب 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. چترال جي علائقي ارسون ۾ دهشتگردن جي تلاش ۽ خاتمي لاءِ ڪيئرنس آپريشن به ڪيو ويو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ ڇتي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج سرگرم عمل آهي، فوج دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪندي.