اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ جديد هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچي ويا آهن ۽ هٿيارن سان پاڪستان ۽ سندس سڪيورٽي ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحد امن جي سرحد هئڻ گهرجي جيڪڏهن پاڪستان طرفان سرحد بند ڪئي وئي آهي ته ان جو سبب سڪيورٽي جي سنگين صورتحال آهي، اسان افغان حڪومت سان ان بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪ_افغان سرحد تي تازن واقعن بابت عبوري افغان حڪومت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چترال حملي ۽ صورتحال بابت افغان اختيارين سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، ان صورتحال ۾ گهرو کاتو ۽ لاڳاپيل ادارا تفصيل ڏئي سگهن ٿا. پاڪ _ روس لڳاپن تي پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ اهم لاڳاپا آهن ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي وفدن ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن، پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي قيادت پاڪستان بابت تبصرن بدران پنهنجي چئلينجز تي ڌيان ڏئي. هوڏانهن چترال ۾ دهشتگردن جي حملي تي پاڪستان افغانستان سان سفارتي سطح تي شديد احتجاج ڪيو، افغان سفارتخاني جي سربراهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.