نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڇوڪري پاڪستان جي مڊل آرڊر بيٽسمين ۽ چاچا جي نالي سان مشهور افتخار احمد تي فدا ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هڪ يوٽيوبر هڪ ڇوڪري کان پاڪستان جي پسنديده رانديگرن بابت پڇيو ته هن چيو ته توهان نالو ته ٻڌو ئي هوندو ان کي چاچا چاچا چوندا آهن، هو دنيا لاءِ چاچو هوندو پر مون لاءِ افتخار جانو آهي. ان ڇوڪري جو نالو هير آهي جيڪا پنجاب جي رهواسڻ آهي. انٽرويو دوران هن جي هٿ ۾ افتخار جي تصوير هئي ۽ ڀارتي ٽيم جي شرٽ پاتل هئس.