ممبئي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪجهه ماڻهو هوندا آهن، جن کي انهن جي عمر جي حساب سان چاچا يا آنٽي چيو وڃي ته اهي چڙي ويندا آهن، اهڙو ئي مضحڪه خيز واقعو ڀارت ۾ پيش آيو، جڏهن هڪ مسافر ٽرين ۾ ويٺل هڪ شخص کي چاچا ڪوٺي وڌو، ڀارتي شهر ممبئي جي هڪ لوڪل ٽرين ۾ هڪ شخص جنهن کي اڳئين اسٽيشن تي لهڻو هيو، ان ساٿي مسافر کي “چاچا” چئي مخاطب ڪيو، جنهن تي سندس مزاحيه ردعمل انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويو آهي. وڊيو ۾ هڪ شخص ممبئي جي لوڪل ٽرين جي دروازي وٽ ويٺل نظر اچي رهيو آهي، هڪ ٻيو شخص ان کي اڳتي وڌڻ ۽ ٻئي مسافر کي اڳئين اسٽيشن تي لهڻ جي اجازت ڏيڻ جو چوي ٿو، مسافر هيٺ ويٺل شخص کي مخاطب ڪندي چوي ٿو ته “هل چاچا اڳيون اسٽيشن بوريوالي آهي، اوهان اٿي بيهو، بعد ۾ ويهي رهجو”.

جنهن تي ويٺل شخص مزيدار انداز ۾ چيو، ”ڪنهن کي چيو چاچا” تون ڪنهن کي چئي رهيو آهي،  جنهن تي مسافر چوي ٿو “انڪل ويٺو ڪير آهي؟”.