تاشقند ( اسپورٽس نيوز) ازبڪستان فٽبال ٽيم جي سڀني رانديگرن کي 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ تي اليڪٽرڪ گاڏيون تحفي طور ڏنيون ويون.ميڊيا رپورٽن موجب ازبڪستان تازو ئي ايشيائي فٽبال ڪواليفائر ۾ قطر کي 0-3 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي.ازبڪ صدر مرزيوئف 2026ع فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ جو جشن قومي ٽيم جي رانديگرن کي 30 چيني اليڪٽرڪ ڪارون تحفي ۾ ڏئي ملهايو.تحفي طور ڏنل گاڏيون چيني ڪمپني جون BYD اليڪٽرڪ ڪارون آهن، جن مان هر هڪ جي قيمت 50,000 يورو (پاڪستاني رپين ۾ 16.3 ملين کان وڌيڪ)آهي.رانديگرن کي مخاطب ٿيندي ازبڪ صدر چيو ته،”اوھان ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آھي، تنھنڪري ھڪ تحفو اوھان جو انتظار ڪري رھيو آھي. چاٻيون کڻو ۽ گھر ھلو.”