ملتان (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اسپنر ساجد خان سڀني فارميٽن ۾ پاڪستان جي نمائندگي جي خواهش ظاهر ڪندي چيو آهي ته چاهيان ٿو پاڪستان سپر ليگ به کيڏان پر موقعو نٿو ملي. ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مين آف دي ميچ جو اعزاز ماڻيندڙ ساجد خان چيو ته هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ته هو ٽيم طرفان ٽئي فارميٽ کيڏي ۽ دنيا جون ليگون به کيڏي پر بدقمستي سان مون کي موقعو ناهي مليو. هن چيو ته منهنجو ٽي 10 ليگ ۾ نالو آيو هو پر ان وقت دبئي ۾ هڪ سيريز اچي وئي هئي، سليڪشن سليڪٽرن جو ڪم آهي، جيڪڏهن موقعو مليو ته ضرور کيڏندس. سندس چوڻ هو ته مون کي جڏهن به موقعو ملندو آهي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ملتان جي پچ تي اهو ئي منصوبو ٺاهيو هو ته وڪيٽون وٺڻيون آهن.