ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر اتل وسان، ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي فتح جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڳوڻي فاسٽ بالر اتل وسان جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستان کٽي ڇو ته ان کانپوءِ ٽورنامينٽ وڌيڪ دلچسپ ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان پاڪستان کي کٽڻ نه ڏيندئو ته ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن پاڪستان ٽيم سٺو کيڏي ۽ ميچ کٽي وئي ته ٽورنامينٽ ۾ نئون جوش پيدا ٿيندو. اتل وسان جو چوڻ هو ته هيءَ صورتحال فلمن ۾ اميتاڀ بچن جيان آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي دشمن کي سولائيءَ سان مات ڏئي ڇڏيندئو ته ڪو به تجسس باقي نه رهندو. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان واپسي ڪندو ۽ اهو ٽورنامينٽ لاءِ به ضروري آهي ته ميزبان ٽيم ٻيهر مقابلي ۾ اچي. اتل وسان جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي ڪرڪيٽ بهتر ڪرڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ۽ هاڻي پاڪ-ڀارت ميچن ۾ اهو اڳ وارو جوش جذبو به ناهي رهيو. سندس چوڻ هو ته جڏهن هو 90ع واري ڏهاڪي ۾ کيڏندو هو ته پاڪستان وٽ ڪيئي عظيم رانديگر موجود هئا. واضح رهي ته اتل وسان چئن ٽيسٽ ۽ نوَن هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.