لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن يونٽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو طرفان اسپتال جي ايم ايس کي خط اماڻيندي اسپتال جي مختلف شعبن ۾ ايم آر آءِ مشين، سي ٽي اسڪين مشين جي خراب هجڻ، پيٿالاجيڪل مشين جي غيرفعال هئڻ، عملي، دوائن، ليب رپورٽس ۽ طبي سهولتن جي کوٽ، اسپتالن جي احاطي ۾ غيرقانوني رت جي مٽاسٽا وارين ليباريٽرين جي موجودگي، اسپتال جي بجلي ٻاهر فراهم ڪرڻ، غيرواسطيدار ماڻهن جي اسپتالن ۾ مداخلت، عملي کي حراسان ڪرڻ سميت ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن هفتي اندر مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ٻي صورت عملي طرفان ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري ايم ايس مٿان هوندي تفصيل موجب پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي سهتو طرفان چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر نياز حسين ڏهر ڏانهن اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته چانڊڪا اسپتال ۾ ڪافي عرصي کان عملي، دوائن، پيٿالاجيڪل رپورٽس ۽ مشينري جي کوٽ آهي، مريضن کي گهربل سهولتون نه ملڻ جي ڪري جهيڙا، تشدد، غيرضروري خانگي ماڻهن جي اچ وڃ عام ٿي وئي آهي جنهن ڪري اداري جي بدنامي ٿي رهي آهي ۽ ڊيوٽي ڪندڙ عملي ۾ خوف واري صورتحال پکيڙيل آهي. اسپتال جي سمورن بلاڪن ۾ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري ۽ خانگي ماڻهن کي فوري طور نيڪالي ڏئي ڪچن يا ڊيلي ويجز ملازمن کي اداري جو ليٽر ڏنو وڃي. اسپتال جي ڪيولٽي ايمرجنسي سميت سمورن بلاڪن ۾ ٻاهرين ۽ غير ضروري ماڻهن توڙي مريضن سان ايندڙ ماڻهن کان سواءِ ٻين جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي سرڪيولر جاري ڪيو وڃي. اسپتال جي ڪيولٽي ايمرجنسي ۾ عملي سان جهيڙن ۽ تشدد جو سبب دوائن، ليب رپورٽس ۽ عملي جي صحيح نموني مقرري نه هجڻ آهي تنھن ڪري ايمرجنسي دوائن ۽ وارڊن ۾ داخل مريضن لاءِ دوائن جي کوٽ، ليب رپورٽس، پيٿالاجيڪل انويسٽيگيشن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي، سمورن بلاڪن ۾ ليب رپورٽس نه ٿيڻ ڪري ۽ رت جي غيرقانوني مٽاسٽا واري ڌنڌي لاءِ قائم خانگي غيرقانوني، غيرمعياري ليباريٽرين طرفان غريب مريض ڦرجڻ سان گڏ انهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، سمورن بلاڪن جي حدن ۾ غيرقانوني، غيرمعياري ۽ غير رجسٽرڊ ليباريٽرين خلاف فوري ايڪشن وٺي هٽايون وڃن. سالن کان خراب پيل ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين مشينون ٺهرائي غريب مريضن کي خانگي سينٽرن تان ڦرجڻ کان بچايو وڃي. اسپتال ۾ پيٿالاجيڪل مشينري کي فعال ڪرايو وڃي، سمورن بلاڪن ۾ سرڪاري ملازمن کي ڊيوٽين جو پابند بڻايو وڃي. سرڪاري پلاٽن تان قبضا ۽ سرڪاري ڪوارٽرن ۽ بنگلن مان خانگي ماڻهن جا قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن. خانگي ايمبوليس جا اڏا ختم ڪري انهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي. اداري کان ٻاهر ويندڙ بجلي فوري طور بند ڪرائي وڃي. صفائي سٿرائي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي. پاڻيءَ جا موٽر، ٽانڪيون ۽ اليڪٽرڪ واٽر ڪولر ٺهرائي لڳرايا وڃن. سڄي اسپتال جي سمورن بلاڪن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. آفيسرن کي سختيءَ سان پابند ڪري بلاڪن جون ذميواريون ڏنيون وڃن. جيڪڏهن ڄاڻايل مسئلا هفتي اندر حل نه ٿيا ۽ انهن تي عمل نه ڪيو ويو ته مجبور ٿي عملي طرفان ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ مٿان هوندي.