لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال مسئلن جو ڳڙهه بڻيل هئڻ ڪري سينيئر پروفيسرز ۽ اسپتال انتظاميا وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته چانڊڪا اسپتال جي ڪيترن ئي وارڊن جي ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ سان گڏ آپريشن ٿيٽر به زبون حالي جو شڪار ٿي ويا آهن، ان حوالي سان سينيئر پروفيسرز طرفان اي اين ٽي شعبي جي آپريشن ٿيٽر ۾ سيوريج جو پاڻي اچڻ سميت او ٽي جي زبون حالي جون ويڊيوز ٺاهي انتظاميا کي موڪليون ويون آهن، جنهن ۾ ڊاڪٽرن واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هو ڊيوٽيون نٿا ڪري سگهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن مريضن طرفان ڪنهن به قسم جو رد عمل سامهون آيو ته ان جا ذميوار هو پاڻ هوندا، جڏهن ته ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ جي ڪري چانڊڪا اسپتال جي سرجيڪل ۽ او پي ڊي به گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند آهي، هوڏانهن لاڙڪاڻي جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته چانڊڪا اسپتال کي ملندڙ اربين روپين جي بجيٽ جي جاچ ڪري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ۽ عمارت جي نئين سر اڏاوت ڪرائي وڃي.