سڪرنڊ (ن پ ا) درگاهه پير ذاڪري جي گادي نشين ۽ پي ايس 38 تي فارم ڀرائيندڙ پ پ اڳواڻ  محمد منير شاهه ذاڪري جي اڳواڻي ۾ درگاهه جي مريدن، ھمدردن، دوستن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي منير شاهه ذاڪري چيو ته مسلسل پنجون ڀيرو پارٽي قيادت پاران ھڪ شخص کي ٽڪيٽ ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي، اھڙو فيصلو پارٽي کي تبديل ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پ پ ۾ رھندي آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙھڻي پوندي، هن چيو ته پ پ جي اصل جيالن ۽ سچن ماڻھن کي پري رکيو ويو آھي، مفاد پرستن کي اڳيان ڪيو پيو وڃي، ھن الزام ھنيو ته غلام قادر چانڊيو روڊن رستن جا ٺيڪا وٺي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آھي، سندس ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ زمين ۽ ملڪيت ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته مقامي پ پ اڳواڻن بلدياتي اليڪشن ۾ مون کي ھارائڻ جي سازش ڪئي ۽ ٽائون چيئرمين ٿيڻ بعد منھنجي خلاف ڪائونسلرن کي احتجاج لاءِ ورغلايو ويو، اسان حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪئي آهي جيڪا ڪندا رهنداسين، اسان ٻين وانگر نه ٺيڪا ورتا آھن ۽ نه ئي ڪميشن ورتي آهي ۽ نه ئي پاٿاري هلائي آهي، گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻن سيد منير شاهه ذاڪري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.