لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز سان ڳالهه ٻول جي وڊيو وائرل ٿي وئي. اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان پنهنجي يوٽيوب چئنل تي بابر اعظم کي دعوت ڏني، ان دوران ليجنڊري ڪرڪيٽر اردو ۾ کيس ڀليڪار چيو جنهن تي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه دوران بابر اعظم ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي بلند حوصلي ۽ اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سينيئرن ۽ جونيئرن جو سٺو ڪامبينيشن آهي ميگا ايونٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ڊي ويليئرز بابر اعظم جي ڊگهي ڪيريئر جي منصوبي بابت کائنس سوال ڪيو ته ڇا هو چاليهه سالن تائين ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ارادو رکي ٿو يا ڪو قدم کڻڻ کي ترجيح ڏيندو؟ جنهن تي بابر اعظم جواب ڏيندي چيو ته سچ پڇيو ته مان نٿو ڄاڻان ته ڪيستائين کيڏندس

 

پر في الحال پنهنجي راند مان مطمئن ۽ لطف اندوز ٿي رهيو آهيان.