علم، ڏاهپ، فلسفي، فڪر ۽ خيال جي تاريخ انسان جي شعور سنڀالڻ کان شروع ٿئي ٿي. ان تاريخي سفر ۾ ڪيترن عظيم انسانن جا زبردست خيال، سوچون، ڏاهپ، فڪر ۽ فلسفو رڪارڊ تي نه اچي سگهيا ۽ ضايع ٿي ويا. يا ائين کڻي چئجي ته انهن جا خيال تحرير ۽ لکت جي صورت ۾ ايندڙ دور ۽ تاريخ لاءِ محفوظ نه ٿي سگهيا ۽ ائين لکين سالا تاريخ مان صرف گذريل اٺن کان ڏهن هزارن سالن جي تاريخ جو رڪارڊ موجود آهي. جيڪو شروع ۾ صرف ئي صرف يونان جي ڌرتي ۽ خطي تائين محدود هو ۽ ٻڌايو ويو ته انساني سوچ، سمجهه، فڪر ۽ خيال جي تاريخ اُتان شروع ٿي ۽ اها محفوظ آهي پر گذريل سئو سوا سالن کان جيئن آمد درفت ۽ سفارتي تعلق جا ذريعا ۽ وسيلا وڌيا آهن ۽ گڏيل تاريخ جو تقابلي جائزو ورتو ويو آهي ته مختلف ملڪن، خطن، علائقن ۽ پٽن جي پنهنجي هڪڙي مخصوص ۽ انفرادي تاريخ نمودار ٿي آهي ۽ انهن جا مستند حوالا سامهون آيا آهن. هن ڌرتي جي وشال پيٽ ۾ انساني آباديون، ملڪ، خطا ۽ علائقا هڪٻئي کان نه صرف هزارين لکين ميل پري هوندا هئا ۽ آهن پر انهن جو پاڻ وچ ۾ صدين تائين ڪو رابطو به نه هوندو هو. ان دور جا نقشا به اهي رڪارڊ تي موجود آهن، جن ماڻهن سفر ڪري مختلف خطا ۽ علائقا ڏٺا ۽ جيڪي علائقا نه ڏسي سگهيا، تن جو انهن نقشن ۾ ذڪر ڪونهي. حالت ته اها آهي جو 15 هين صديءَ جي بلڪل آخري ڏهاڪي ۾ جنهن وقت ڪولمبس آمريڪا ڳولهي لڌو ته چيائين اهو ڪو انڊيا آهي. 19 هين صدي ۾ مختلف ملڪن جي وچ ۾ رابطي جي صورتحال اها هئي جو 15 اپريل 1865ع تي 16 هون آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن قتل ٿي ويو ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ٽن مهينن کانپوءِ خبر پئي ته آمريڪي صدر قتل ٿي ويو آهي. هاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب سان مواصلات جا کوڙ سارا تيز ۽ ترت ذريعا اچي ويا آهن ۽ لمحن ۾ خبر پئجي ويندي آهي ته دنيا ۾ ڪهڙي جڳهه تي ڇا پيو ٿئي. دنيا جا ملڪ جنهن تيزيءَ سان هڪٻئي کي ويجهو ٿيا آهن، تنهن کانپوءِ اسان کي خبر پئي آهي ته نه صرف يونان پر يورپ، آمريڪا، اوڀر يورپ، وچ اوڀر، آفريڪا ۽ ننڍي کنڊ جي پنهنجي هزارين سالن جي پراڻي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن آهي، فڪر آهي، فلسفو آهي، خيال ۽ سوچون آهن. انهن جا پنهنجا پنهنجا مقامي فڪري سرچشما آهن. تنهن ڪري پوري دنيا ۾ صرف هڪڙي هنڌ يا جڳهه تي عظيم خيال، فڪر، فلسفا ۽ ڏاهپ هئي ۽ باقي سڄي دنيا علمي ۽ فڪري طرح ڪنهن تاريڪ ۾ غرق ٿيل هئي ائين ناهي.
ان ويجهي جي تاريخ ۽ کوجنا اسان کي ٻڌايو ته، بيشڪ يونان ۾ 600 قبل مسيح ۾ ٿيلس جهڙو فطرت پسند فلاسافر موجود هو ۽ ان کانپوءِ اينگزي مينڊر ۽ اينگزي مينز هئا، پئٿاگورس، ڊيموڪريٽ به هو، سقراط، افلاطون، ارسطو، ايپيڪيورس به هئا پر ساڳئي وقت ننڍي کنڊ ۾ به هڪڙو پورو مادي پسند اسڪول چار واڪ جي نالي سان موجود هو يا چار واڪ نالي فلسفي موجود هئا. جيڪي ٿيلس جا بلڪل همعصر هئا. اهو به ان وقت منظر تي آيو، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ٻڌازم ۽ جين ازم جي وچ ۾ هڪ فڪري بحث ڇڙي پيو ته ان وقت چار واڪن جو نقطه نظر سامهون آيو. جيتوڻيڪ چار واڪن بابت اسان کي گهڻي معلومات نٿي ملي. چار واڪن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته چار واڪ ڪنهن کي چئجي ٿو؟ ان بابت به گهڻا ۽ متضاد خيال موجود آهن، ڇاڪاڻ ته چار واڪن پاڻ بابت ڪجهه لکيو به نه لکيو. چار واڪ ڪو ماڻهو آهي؟ يا اهو ڪو سبق آهي؟ ان سلسلي ۾ تمام وڏن ماڻهن پنهنجا خيال ۽ ويچار پيش ڪيا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هي چار واڪ نه پر چارو واڪ آهي، چارو جو مطلب مٺو. مطلب وڏيون مٺيون ڳالهيون ڪندڙ. ڇو ته سک جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو خوش ٿي ويندا آهن. ڪجهه محقق چون ٿا ته چار واڪ اهي آهن، جن پنهنجو سڄو پيغام چئن جملن ۾ پيش ڪيو.
ننڍي کنڊ جي معروف فلسفي براسپتي جي تحريرن ۾ چار واڪن جو وڏي تفصيل سان ذڪر ملي ٿو يا کڻي ائين چئجي ته براسپتي پهريون شخص آهي، جنهن چار واڪن بابت سڀ کان پهرين لکيو ۽ انهن کي متعارف ڪرايو، ائين جيئن سقراط تي سڀ کان پهرين افلاطون لکيو ۽ ان کي عام ڪيو. مختلف ٻولين ۽ لسانيات جي ماهرن لفظ “چار واڪ” جي معنيٰ ڪجهه هن طرح ڪئي آهي. carv جي معنيٰ to chew يعني ڪنهن شئي کي چٻاڙڻ، ان ڪري چيو ويو ته چار واڪن پنهنجن خيالن ۽ سوچن تي بار بار غور ويچار (چٻاڙيو) ڪيو. ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته، اصل ۾ لفظ چار واڪ سنسڪرت جو آهي، Caru جي معنيٰ Agreeable ۽ vac جي معنيٰ speech يعني Agreeable Speech جنهن جي سنڌي ۾ معنيٰ ٿيندي “سک وارو درس”. هڪ ٻئي اسڪالر جو خيال آهي ته چار واڪن کي رواجي طور “لوڪ آياتا” (Lokayata) يعني Worldly مطلب “دنيا شناس يا جهان ديد” سڏيو ويندو هو يا ان حوالي سان معروف سمجهيا ويندا هئا. ائين مختلف دورن ۾ انهن جي مختلف معنيٰ ۽ تشريح سامهون ايندي رهي آهي. چار واڪن جو گهڻي قدر بحث موضوع، مذهب، خدا، انسان، روح، جسم، رياست، حڪمران، نديون ۽ درياهه وغيره رهيا آهن.
چار واڪن جو هڪڙو مشهور ڪتاب “لوڪ شاستر” آهي. فلسفي براسپتي کانپوءِ ٻين ڪيترين اسڪالرن چار واڪن تي ڪم ڪيو آهي، انهن مان هڪ ڀارتي پروفيسر ايڇ ايس سنها آهي ۽ اسان هن عبارت کي لکڻ لاءِ هن جي خيالن مان مدد ورتي آهي. چار واڪ چوندا هئا ته هن دنيا ۾ جيستائين جيئو سک سان جيئو. پاڻ به سک سان جيئو ۽ ٻين کي به سک سان جيئڻ ڏيو. هر وک اهڙي طرح کڻو ته ان سان ٻئي ڪنهن کي ڏک يا تڪليف نه پهچي. نفسياتي لحاظ کان به نه رڳو انسان پر پکي، جيت جڻا ۽ ڪيڙا ماڪوڙا به سُک چاهين ٿا ۽ اهڙي جڳهه جا متلاشي هوندا آهن، جتي سک سان رهي سگهن. پاڻ کي تندرست رکڻ لاءِ کير مکڻ کائو، ڀلي کڻي ان لاءِ توهان کي ڪٿان قرض به کڻڻو پوي. ڇو ته هي زندگي وري توهان کي نه ملندي. چار واڪ چوندا هئا ته روح اَن نٿو کائي، تنهن ڪري مندرن يا ڀڳوانن کي نه ڏيو، اهو ماڻهن ۾ ورهايو ۽ انهن کي ڏيو. هُو چوندا هئا ته، اسان کي خبر ناهي ته جنت ۽ دوزخ آهي يا نه ۽ ڪير دوزخ ۾ ويندو ۽ ڪير جنت ۾، تنهن ڪري هن دنيا کي جنت بڻايو ۽ خوشي کي جيترو ڦهلائي سگهو ٿا ڦهلايو. چار واڪ چون ٿا ته، جيڪي ماڻهو سڄي زندگي پنهنجي والد کي بُک تي رکن ۽ هُو تڙپي تڙپي مري ويو مرڻ کانپوءِ توهان ٻن هزار ماڻهن کي ماني کارائي رهيا آهيو، اهو ان کان بهتر هو ته توهان پنهنجي والد کي خوب کارايو پياريو ها. پيءُ جي پڳ توهان کي ملي ۽ توهان اهڙا ڪم ٿا ڪريو جو ان جي جتي ڪٿي خواري پئي ٿئي.
چار واڪ چوندا ته ماڻهن کي گمراهه نه ڪيو. هي جيڪو چيو پيو وڃي ته توهان خراب عمل ڪندا ته توهان ايندڙ جنم ۾ هڪ ڪتي، ٻلي، ڀولڙي جي روپ ۾ پيدا ٿيندا. هاڻي جڏهن توهان جو جسم هتي دنيا ۾ دفن هوندو يا ان کي ساڙي ڇڏيندا، جنهن سڀ غلط ۽ خراب عمل ڪيا ته پوءِ روح جنهن نه خراب عمل ڪيا، نه زنا ڪيو ۽ نه ئي ڪو ظلم ڪيو ته پوءِ ان کي سزا ڇو ملي؟ آخر ۾ چيائون ته، ان مان ثابت ٿيو ته توهان جي سوچ ۽ فڪر بي بنياد، گمراهه ڪندڙ ۽ غلط آهي، اسان جا خيال ۽ ڳالهيون درست آهن. هاڻي جڏهن جسم غلط ڪم ڪري ٿو ته پوءِ ان کي هتي ئي هن دنيا ۾ سزا ملڻ کپي ۽ اهڙي سزا راجا ڏيندو يا ان جي حڪومت ڏيندي. باقي اهو ته آخر ۾ روح کان حساب ڪتاب ورتو ويندو، جڏهن ته روح جو ڪو ڏوهه ناهي، تنهن ڪري اهي سڀ خيالي ڳالهيون آهن. جڏهن جسم کي ڪا بيماري لڳي ٿي يا گرمي محسوس ڪري ٿو يا سيءُ لڳي ٿو ته اسان ان کي هتي دوا ڏيون ٿا، جسم کي ڍڪيون ٿا ۽ ٿڌ حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ميدانن ۾ وڃُون ٿا ۽ هوا وٺون ٿا. هاڻي جڏهن جسم کي سڀ شيون هتي گهرجن ته پوءِ روح کي سزا واري ڳالهه اجائي ۽ غير معقول آهي.
چار واڪن چيو ته، هِيءَ جيڪا رياست آهي، ان کي حقيقي روح عالم يا خدا سمجهو. هي جيڪو رياست کي هڪ حقيقت، روح اعليٰ يا خدا سمجهڻ جو تصور آهي، اهو جرمن فلسفي هيگل کان گهڻو اڳ چار واڪن ڏنو. “رياست لاءِ تعظيم” جو تصور چار واڪن ڏنو ۽ انهن کان مختلف فلسفين ۽ ٻين ورتو. انهن چيو ته معاشي خوشحالي به رياست جي ذريعي ايندي، جيڪڏهن حڪمران ۽ حڪومت سٺي آهي ته انصاف ٿيندو. ان بابت چار واڪن تمام گهڻو چيو آهي. سڀ ماڻهو يا سڄي رعيت خوش رهي، ان لاءِ حڪمرانن کي فيصلا ڪرڻا پوندا. رياست تي حڪمرانيءَ جو حق صرف ان ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل شخص کي آهي، نه ڪي ڪنهن ڌارئي کي. چار واڪن کي ڌارين حڪمرانن لاءِ سخت نفرت آهي. ساڳئي وقت چيائون ته حڪمران کي ٻه شيون قطعي نه ڪرڻ گهرجن، هڪ رعيت جي ماڻهن جي زالن تي غلط نظر نه وجهي ۽ ٻيو عوام جي دولت کي نه لُٽي. مطلب ڪرپشن نه ڪري. رياست ۾ اَن ڪيترو ٿو پيدا ٿئي. ميوا يا ڀاڄيون ڪيتريون پيدا ٿي رهيون آهن يا ٻيون ضرورت جون سڀ شيون، انهن جي ورهاست اهڙي طرح ٿئي جو رياست ۾ ڪو ماڻهو ڏکيو يا بکيو نه رهجي وڃي. هاڻي هي جيڪا “انصاف سان ورهاست” واري ڳالهه ارسطو ڪئي سا چار واڪن هن کان سوين سال اڳ چئي ويا هئا.ڪاروبار ڪهڙي طرح ڪجي يا شين ج مٽاسٽا ڪهڙي طريقي سان گڏجي، ان جو پورو طريقو واضح ڪيائون ۽ ساڳئي وقت ان ۾ ملاوٽ جي سختيءَ سان منع ڪيائون ۽ ايمانداريءَ تي وڏو زور ڏنائون ته جيئن ڪو فراڊ وغيره نه ٿي سگهي يا اهڙي عمل جي رستا روڪ ڪجي. چار واڪن جي نظر ۾ فراڊ ڪرڻ به ڏک ۽ تڪليف ڏيڻ برابر هو، تنهن ڪري چوندا هئا ته ڪاروبارو، ڏيتي ليتي يا مٽاسٽا ۾ ڪنهن سان فراڊ ڪري ڏک نه ڏيو، جيڪڏهن توهان ائين ڪندا ته اڳتي هلي اهي به توهان سان موٽ ۾ اهڙو ورتاءُ ڪندا يا توهان کي ڏک پهچائيندا. چار واڪن مذهب کي نه پر حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جا خيال پيش ڪيا. هنن چيو ته توهان جي حڪومت مضبوط هوندي ته توهان تي ڪو ڌاريو حملو نه ڪري سگهندو.
چار واڪن چيو ته اهڙا ڪم ڪيو جو اسان جي ندين ۾ جل وهندو رهي، جتان جتان ندي وهي ٿي، اتي ڪنهن به قسم جي گدلاڻ نه هجي ۽ اهڙو طرح عمل ڪيو جو ندين جو پاڻي هميشه وهندو رهي، ٻيلا ۽ جهنگ نه وڍيو، ڇو ته ان سان ڌرتيءَ تي سوڪهڙو ۽ خُشڪ سالي ٿي ويندي. ڦلدار وڻ لڳايو. اڄ بدقسمتيءَ سان اسان جا حڪمران تونسا کان هيٺ پوري سنڌ کي سُڪائڻ لاءِ روز سازشون ۽ عمل پيا ڪن، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ آهي ۽ نه رڳو فصل سُڪي رهيا آهن، پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نه پيو ملي. ساڳئي وقت ٻيلا ۽ جهنگ وڍي ڇڏيا آهن، نديون، درياهه ۽ سمنڊ گدلاڻ سان ڀرجي ويا آهن، نتيجي ۾ پوري دنيا ماحولياتي تبديلين جي عذاب کي مُنهن ڏئي رهي آهي. سڀ کان اهم ۽ وڏي ڳالهه ته اهڙي عذاب ۽ قهر کان بچڻ لاءِ چار واڪ تقريبن 26،27 صديون اڳ چئي ويا هئا ته ندين جو وهڪرو بند نه ڪجو ۽ گدلاڻ نه ڪجو، وڻ ۽ ٻيلا نه وڍجو، پر دنيا جو اشرافيه ۽ سرمائيدار طبقو دولت ۽ مال لُٽڻ جي لالچ ۾ سڀ حدون پار ڪري ويو ۽ اڄ سڄي دنيا ان عذاب مان گذري رهي آهي!