چارڻ چنگ ڇڏي ويا

0
47
شاهه لطيف جو فڪر چئن منزلن تي منحصر آھي اهي چار منزلون آھن  شريعت ، طريقت ،  معرفت ۽ حقيقت،  اهي منزلون ئي انسان جي ڪامياب زندگي  جون اهم

شاهه لطيف جو فڪر چئن منزلن تي منحصر آھي اهي چار منزلون آھن  شريعت ، طريقت ،  معرفت ۽ حقيقت،  اهي منزلون ئي انسان جي ڪامياب زندگي  جون اهم منزلون  آھن انهن منزلن تي هلندي   انسان  حقيقي ڪاميابيون ماڻي ٿو  ، ڀل دنيا ان ماڻھو کي ڪامياب سمجهي ، جنهن دنيا ۾ گهڻي دولت ، ٺٺ ٺانگر ۽ وڏا عهدا ماڻيا هجن پر ايئن ڪونهي، جيستائين عملي زندگي ۾  روحاني سڪون  حاصل نه ٿو ٿئي ، تيستائين  اها زندگي بي انتها دولت ۽ وڏن عهدن هوندي به  بي چين ۽ منجهيل هوندي آھي،  اهڙي زندگي ۾  ذڪر ۽ فڪر ، قضا ۽ رضا ، توڪل۽ تسليم جهڙن جزن جي کوٽ ھوندي آھي  لطيف سائين وحدت مان ڪثرت وارو راز سمجهايو آھي  معنيٰ ته  رب هڪ آھي  ۽ سندس ڪو به ثاني نه آھي  هي سموري  ظاهري گهڻائي سندس هيڪڙائي مان نڪتي آھي  هو سونهن جو سر آھي،  هي سمورو مانڊاڻ سندس ئي منڊيل آھي هيءَ ڪائنات هڪ محل آھي  جنهن کي سهسين دريون آھن  دري دري منجهاران سندس ديدار آھي.

   جنهن انسان کي سندس درشن جي تمنا نه ٿي رهي يا هو هن خوبصورت دنيا کي پرکي  پنهنجي مالڪ جي ساراھه ثنا نه ٿو ڪري  ته  اهو ڏڏ انسان  سمجهيو ويندوآھي ۽ اهو زندگي جي روحاني روشنين کان  ھميشھ وانجهيل رهي ٿو،  ان جي اندر ۾  جان نثاري  ۽ فدا ڪاري جي وصفن جو عڪس نه ٿو جرڪي،  اهڙا انسان  حسن و جمال ، وصال ۽ وڇوڙي جي  ڪيفيتن کان  بي خبر هوندا آھن انهن کي اها خبر نه هوندي آھي ته  فراق وڇوڙي کان وڌيڪ دلپذير هوندو آھي ان ۾  محبوب جي ملڻ جي تمنا سدا حيات رهندي آھي جڏھن  ته وصال ۾  محبوب جي ملڻ سان  سڪ جو سفر پورو ٿئي ٿو.  طالب  فراق ۾،  سوز ۽  درد جي ڪيفيت ۾ رهي ٿو  جنهن ۾ ھو اڃايل هرڻ جيان زندگي جي صحرا ۾ ڪوبڪو ڦرندو رهي ٿو هن جي اندر ۾  وڇوڙي جا وڍ ويتر کيس ڀٽڪائيندا رهن ٿا  هن جو ان دوران وڻن،ولڙين، جانورن، دريائن ، جبلن  ۽ جهنگلن  کي ويجهو پسڻ ۽ انهن جي مشاهدي جو موقعو به ملي ٿو.  لطيف سائين جي شاعري ۾  وطن جي حب  جا اعليٰ معيار  به  ڪجاون جيان جرڪندي نظر اچن ٿا  مطلب ته هر هڪ انسان کي پنهنجي وطن سان  محبت جو هئڻ به انتهائي اهم جز آھي. سر  مارئي ۾، وطن سان حب  جو انتهائي اهم ۽ چٽو پيغام آھي  جنهن ۾ هڪ قيد ٿيل ناري ماروي جي روپ ۾  وقت جي حاڪم سان مخاطب ٿيندي اها خواهش ڪري ٿي ته آئون جيڪڏھن هن بند ۾ مري وڃان ته منهنجو مڙھه  پنهنجي وطن موڪلج منهنجا هڏڙا ان مٽي ۾  دفن ٿين ۽ منهنجي روح کي آسيس ملي.  “ميائي جياس ، جي وڃي مڙھه ملير ڏي”

لطيف جي فڪري گهراين جو هڪ جز اهو آھي ته  زندگي ۾ عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي  ڀل اها عارضي طور مشڪل ڇو نه هجي پر ان کي ڪندو رهڻ ئي زندگي جو ٻيو نالو آھي

“اٿي رائو ريل ، ويٺلن تان واري وري”

سر سسئي، ديسي، ڪوهياري،  معذوري، ۽ حسيني ۾  سسئي جا ڪشالا ڪرڻ،  جدوجهد عشق سان گڏ جدوجهد زندگي پڻ آھي.  سسئي جا ڪشالا شاهه لطيف جي حقيقي جفائن جو عڪس آھن، اهي درد سسئي جي صدائن جي صورت ۾  ظاهر ٿين ٿا  ۽ پڙھندڙن جي دل تي وڄ وانگر ڪڙڪن ٿا.

شاهه لطيف جي شاعري جا عڪس انهن ماڻھن تي تجلي جهڙو اولڙو ڪن ٿا جيڪي  مشاهدي وارين منزلن مان گذرن ٿا  ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته  جنهن ماڻھو پهاڙن جا پنڌ،سمونڊ جو سير نه ڪيو هجي ۽ ان وڻن، ولين، جانورن کي ويجهي کان  نه ڏٺو هجي ، فطرت جي مشاهدي کان اڻ واقف هجي ، ان کي ڪهڙي خبر ته سج وڻن تان ڪيئن ويندو آھي؟ راسيون ڪيئن رتبيون آھن؛ صحرائن ۾ سرد راتين جو سفر ڪيئن ٿيندو آھي؟ سامونڊين جي سڪ وڻجارين جي وجود ۾ ڪيئن وڍ وجهندي آھي؟  درياءَ جي ڪنڌين کان وڇوڙي ماريل عورتون ڪيئن وايون ڪنديون آھن ؟  اهو سمورو دک جو داستان تڏھن ئي صحيح اندر ۾ اوتي سگهبو، جڏھن انهن هنڌن ڀيڻين جو مشاهدو ڪبو، محلاتن ۾  رهندڙ ماڻھن کي ڪهڙي ڪل ته جڏھن باک ڀني ۾  پکي لاتيون لنوندا  آھن  تڏھن تهجد گذارن جي بانگ  روح ۾ ايئن لهڻ لڳندي آھي جيئن سڪل ٿر ۾ پهرين برسات جون ڪڻيون.

لطيف سائين جي شاعري کي  وڌيڪ ٻھراڙي جي انهن ماڻھن سمجهيو آھي  جيڪي لطيف سائين جي ڪردار جا تسلسل رهندا پيا اچن ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته انهن ماڻھن جو عام زندگي ۾  انهن ڪمن ،ڪارين، هنڌن ماڳن  ڌنڌن داڙن سان  واسطو پيو آھي انهن وٽ لطيف سائين جي شاعري سندن دل جي ڳالھه هجي ٿي اهي ان کي بار بار دهرائيندا ٻئي نسل ڏانهن منتقل ڪندا رهن ٿا.

مون کي ياد ٿو اچي ته بابا علي الصبح اٿي نماز پڙھي  سردين ۾ مچ ٻاري ويهي پرڀاتي  جا بيت ڏيندو هو.

اي نه ڀانن ڀير ،جيئن ڪينر ڪيري ٽنگيو

سونهاري صبوح سين ،وجهي ويٺين وير،

توکي چوندو ڪير ، ڪيرت ڌاران مڱڻو،

بابا نماز پڙھڻ کان فارغ ٿي جڏھن مصلي تي دعا گهرندا هئا ته  شاهه سائين جا دعائيا بيت پڙھندا هئا ،

 جيڏو تنهنجو  نانءُ ، ٻاجھه به اوڏائي مڱان ،

ري ٿنڀين ري ٿوڻئين ، تون ڇپر تون ڇانو،

 آئون ڪڄاڙو ڪهان ، توکي معلوم سڀڪا،

بابا اڻ پڙھيل هو ليڪن ڀٽائي جا ڪافي بيت ياد هوندا هوس.  موسم جي مناسبت سان  جڏھن بيت ٻڌائيندو هو ته محفل ۾ ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويندو هو. بابا الغوزو وڄائيندي وڄائيندي ڀٽائي جو پارکو بڻجي ويو.  سندس بيتن جي پڙهڻ جو خوبصورت لب لهجو اڃان ياد اٿم. اوٺار شيرو جت به ياد پيو اچي جنهن  کي به شاهه جا ڪافي بيت ياد هوندا  هئا. شيرو اوٺار هو ته الائي ڪٿي جو، ليڪن اٺن جو ديرو اچي اسان جي ڳوٺ کي ويجهو ڪيو هئائين، هو  اڪثر سر کنڀات جا بيت ٻڌائيندو هو جڏھن وڳ واري مڙھي ڏي موٽندو هو. هڪ دفعي ڪنهن دعوت ۾ ھئاسين هي به اتي آيو واپسي ۾ چيائين ته هلين ته ڪرهي تي گڏيا هلون. مون کي واپس اچڻو هو سو سنگت کي ٻڌائڻ کانسواءِ  ڪرهي تي کڻي چڙھيس  اوٺي شيرو ۽ آئون ڪنواٽ تي چڙھي ويٺاسين ڪنواٽ هلڻ لڳو اوٺي شيرو اٺ سان به شاهه لطيف جي شاعري ۾ ٿي ڳالهايو.

ڪسر ڇڏڪنواٽ، وکون وجھه وڌنديون،اٺ ھونگارون ڪندو هوا سامهون تيز هلندو ، ڪنهن ڪنهن ويل اوٺي هڪل ڪري مهار ٿي ڇڪيس ته ڪنواٽ رانڀاٽ  ڪندو ويتر تيز ٿي هليو، ان رات مون کي ايئن ٿي لڳو ڄڻ  اسان ڪنهن نئي ڪاڪ تي ڪاهي وڃي رهيا آھيون. وهائو تارو اڀريو ته اسان اچي ڳوٺ وڻن ۾ پهتاسين  وڻن کي ماڪ اڇي چادر اوڍي رکي هئي پکي وڻن ۾ چھچائي رهيا هئا.  اوٺي شيرو، اٺن جا مختلف نالا، عادتون ۽ انهن مختلف وڻن جا نالا به  هئا جن وڻن  کي اٺ کائيندو آھي  ۽ جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ ڪتب آندا آھن. اوٺي شيرو ٻڌايو هو ته سندس گهر واري کي کانئس وڌيڪ ڀٽائي جا بيت ياد آھن. اوٺي شيرو ڪڏهن گذاري ويو ۽ سندس اٺن جو وڳ ڪيڏانھن ويو ان جي ته ڪائي خبر ناهي پر جيڪڏھن  هو هن وقت زنده هجي ها ته هڪ رات اٺ تي چڙھي ٻيهر صحرا جي سفر ڪرڻ لاءِ  کيس چوان ها.  مون اها ڳالھه ڪرڻ پئي چاهي ته  ٻھراڙي جا ماڻھو ڀٽائي جي شاعري آساني سان سمجهن ٿا ۽ ان کي هيئن سان هنڊائين ٿا.  مون کي ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي به ياد اچي پيو جنهن شاهه لطيف جي شاعري ۾ مرد ڪردار تي پي ايڇ ڊي ڪئي.  سندس تازو لطيف سائين جي مختلف سرن تي مبني مضمونن جو ڪتاب “اندر تون اجار”ڇپيو آھي جنهن ۾ به هن لطيف جي فڪر تي گهرائي سان ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي. ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي به بنيادي طور ٻھراڙي جو ماڻھو آھي جنهن وٽ علمي ڊگرين  کان وڌيڪ  سندس مشاهدو لطيف کي سمجھڻ لاءِ  محسوس ٿئي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ ٻين کان علاوه پروفيسر منظور سولنگي، رفيق آس لغاري ڀٽائي جي فڪر  کي علم کان وڌيڪ مشاهدي جي اک سان پرکيندا نظر اچن ٿا. عجيب اتفاق آھي ته ڀٽائي جي انهن پارکن جو تعلق به ٻھراڙي سان  آھي  جيتوڻيڪ چند شھري عالمن  جهڙوڪ ڊاڪٽر   هوتچند مولچند گربخشاڻي،ڪلياڻ آڏواڻي،مرزا قليچ بيگ جو به ڀٽائي تي وڏو ڪم ڪيل آھي جيڪڏھن اهي عالم ڀٽائي تي ڪم نه ڪن ها ته  شايد ڀٽائي  تي هيڏي تحقيق نه ٿي سگهي ها ۽ ڀٽائي جو رسالو قديم سنڌي شاعرن جي رسالن وانگر اسان کي ڳوليو نه لڀي ها.

جيتوڻيڪ هن وقت هر مڪتب فڪر جو ماڻھو لطيف جي فڪر کي سندس فڪر سان ڳنڍيو ويٺو آھي جيئن ڪجهھ مسلمان عالم شاهه  جي شاعري کي نج مذھبي شاعري جو رنگ ڏين ٿا،۽ڪجھه سياسي اڳواڻ ان شاعري  کي سياسي رنگ ڏيو ويٺا آھن ۽ ڪجهھ  ويدانتي ان شاعري کي ويدانتي اک سان ڏسن ٿا. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته لطيف جي شاعري جو اهو ڪمال آھي جو ان کي هر مڪتب فڪر جو ماڻھو پنهنجي اندر جي ڳالهھ ٿو سمجهي ليڪن ان جو اهم نچوڙ  اهو آھي ته  انسان بڻجي الله کي سڃاڻجي جيستائين ماڻھو ۾ ماڻھپو نه ٿو اچي تيستائين اهو انسان  الله ۽ رسول جي حڪمن جي بجا آوري نه ٿو ڪري سگهي۽ نه ئي پنهنجي زندگي سنواري ٿو سگهي ۽ نه وري ٻين انسانن لاءِ ڪارائتو بڻجي سگهي ٿو.