چئوماسي جي مند: ڇا اسان تياري ڪئي آھي؟

0
45
چئوماسي جي مند: ڇا اسان تياري ڪئي آھي؟

 جون مھيني جي آخري ڏينھن ۾ تيز ھوائون، آنڌاريون ۽ آسمان تي چئني طرفين ڪڪر ڇانئجي ويا آھن. پلر پالوٽيا آهن. کنوڻين کجڪا ڪيا آهن. ھوائن ۾ گھم ۽ گرمي جو درجو سبيل ٿي ويو آهي، چئوماسي جي مند منڊل منڊي بيٺي آهي ۽ ٻوڏن جا گهنڊ پڻ وڄائي رهي آهي. جنھن سان سنڌ جي اڪثر شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اڳوڻين تباھ ڪارين واري خوف ماڻھن جي ساھ  کي مٺ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. سڀني کي اھا فڪرات ورائي وئي آهي ته ڪٿي گهرن، فصلن دربدريءَ جا سور وري ته وقت ورجائي اڳيان نه آڻيندو، جنھن ۾ زندگيون لاشن جا منظر بڻجي ويون ھيون.

                 چئوماسي جي رت جيڪا ھونئن زراعت جي لاءِ برڪت سمجهي ويندي آھي، سا سال ٻن جي وِٿيءَ بعد سنڌ لاءِ موت جو پيغام کڻي ايندي رهي آهي. اڳئين سال پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪجھ حصن ۾ چئوماسي جي مند ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر تائين لاڳيتو وسندڙ زوردار برساتن تمام گهڻو نقصان ڪيو ھو. سنڌ ۾ بدين، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، دادو، نوشھرو فيروز، لاڙڪاڻو، ٺٽو، ڪراچي، بلوچستان ۾ خضدار، گوادر، ڪوئيٽا، تربت ۽ ڏکڻ پنجاب جا راجن پور، ڊيرا غازي خان ۽ مظفر ڳڙھ شديد متاثر ٿيا ھئا. نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمنيٽ اٿارٽي، سنڌ ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي ۽ مختلف ميڊيا رپورٽن موجب، تڏهن ٻارن ۽ عورتن سميت 250 ماڻهو جان وڃائي ويٺا ھئا. 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ھئا ۽ 30 ھزار جي لڳ ڀڳ گهر مڪمل يا جزوي طور تي تباھ ٿي ويا ھئا. ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ صحت مرڪز پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويا ھئا ۽ اھم رستا بند ٿي ويا ھئا. پليون ڊھي پيون ھيون. ڪپھ، ڪمند ۽ چانورن جا فصل لڙھي ويا ھئا. ھزارين ايڪڙ زمين پاڻي ھيٺ اچي وئي ھئي. جنھن سان آبادگار ترينِ ڀَرِ ويھجي ويا هئا. انهن جو چوپايو مال به وڏي انگ ۾ لڙھي مري ويو ھو.

شھرن ۾ وري خاص طور تي صوبي جي وڏي شھر ڪراچي ۾ نيڪال جو نظام ناڪارا ٿي ويو ھو. ھفتن جا ھفتا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل رھيا ھئا.

دادو ضلعي جو حال ڪجي ته اھو اڳ ئي قدرتي آفتن جي حوالي سان حساس سمجهيو ويندو آھي. ان ۾ تڏھوڪين برساتن سبب منڇر ڍنڍ جي سطح وڌي وئي ھئي. جنھن سان لڳ ڀڳ 6000 گھر مڪمل طور تباھ ٿي ويا ھئا، جڏھن ته 35 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ھئا. زرعي زمينون پاڻيءَ ھيٺ اچي ويون ھيون ۽ ھزارين آبادگار معاشي طور بدحاليءَ  جو شڪار ٿيا ھئا.

بدين ضلعو، جيڪو اڪثر سامونڊي طوفانن ۽ پاڻي جي کوٽ کان متاثر رھندو آھي، ان کي انهن چئوماسي جي برساتن تباھ ڪري ڇڏيو هو. 5000 کان وڌيڪ گهر ڊھي پيا ھئا. سوين ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو ھو. ان صورتحال ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون هيون. پر خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ماڻهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون ھيون.

سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ڪپھ، ڪمند ۽ چانورن جي فصلن کي وڏو نقصان رسيو هو. سانگھڙ ۾ 4 ھزار 2 سئو کان وڌيڪ گهر ڊھي مٽيءَ جو ڍير ٿي پيا ھئا،

جڏھن ته نوشھرو فيروز، لاڙڪاڻي ۽  ٺٽي سميت مختلف ضلعن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سان سوين ڳوٺ خالي ڪرايا ويا ھئا. برسات سبب ٻوڏ جي آيل تباھي کانپوءِ متاثر ٿيل ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عارضي رليف ڪئپمون قائم ڪيون ويون ھيون ۽ مقامي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز طرفان مدد جون اپيلون ڪيون ويون ھيون.

ھاڻي موسميات کاتي اڳواٽ ئي خبردار ڪيو آھي ته ھن سال به چئوماسي دوران معمول کان وڌيڪ برساتن پوڻ جو امڪان آھي. خاص طور تي سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي اڳ ۾ ئي آفتن جو شڪار ٿيل ضلعن ۾ خطرن جا گهنڊ وڄي چڪا آھن.

پاڪستان جي موسميات کاتي ۽ عالمي موسمياتي ادارن جي اڳڪٿي مطابق جون کان آگسٽ 2025 دوران گذريل سان جي ڀيٽ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيڻ جا امڪان آھن. ھتي خاص خطرا سنڌ جي ھيٺانھن ضلعن دادو، بدين، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ ڪراچيءَ کي لاحق آهن. ڇو ته نيڪالي نظام اڳ جيان ناقص آهي ۽ ان کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اُپاءَ نه ورتا ويا آهن. ٻئي طرف سامونڊي اثر، لانينيا جي موجودگي ۽ گلوبل وارمنگ سڄي برساتي نظام کي شديد بڻائي سگھن ٿا. ان صورتحال م حڪومت، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ، پراونشل ڊزاسٽر مئنجمينٽ کي گھرجي ته ضلعي سطح تي ايمرجنسي پلان جوڙين، جيڪو صرف ڪاغذن تائين محدود نه ھجي. پر ان جي ابتڙ گذريل سال جيان ھينئر به اڳواٽ بندوبست نه ھجڻ جون رپورٽون اچي رھيون آھن ۽ اسٽاڪ وارا امدادي سامان بنھه گهٽ آھن ۽ خاص ڪري ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته رليف جا ڪي به  بندوبست ٿيل ناھن، جن ۾ مقامي سطح تي رضاڪارن جي کوٽ آهي. انهن لاءِ تربيت جي اڻ ھوند ۽ رستن جي بدتر صورتحال وڏي رڪاوٽ آھي. ياد رهي ته گذريل سال جي تباھي جو اصل سبب رڳو برساتون نه ھيون، پر منصوبابندي جي کوٽ، ادارتي نااھلي ۽ انساني بي حسي به انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺي ھئي.

ھلندڙ چئوماسو توڙي جو اڃا پوري شدت سان پنھنجي جوڀن ۾ نه آيو آھي ۽ اڃا به وقت آھي ته بھتر منصوبابندي ڪري ٿيندڙ نقصان کان بچي سگهجي ٿو. تنهنڪري اھا حڪومت ۽ رليف ادارن جي گڏيل ذميواري آھي ته ٻڏڻ کان پوءِ نه پر اڳ ئي صورتحال کي سنڀالي وٺن. فائيلن کان ٻاھر نڪري عملي بندوبست ڪري مڪاني حڪومتن، چونڊيل نمائندن ۽ يوسي سطح جا آفيسر مقرر ڪري فنڊن جي شفاف ورڇ ۽ عام ماڻهن جي شموليت ذريعي احتساب جو نظام بھتر جوڙي بچاءُ ڪري سگھجي ٿو.

گذريل سال جي وڏي تباھيءَ کان پوءِ اميد ھئي ته ھلندڙ سال حڪومت، رليف ادارا ۽ مڪاني ادارا پاڻ مرادو ئي تياري ڪندا پر ھلندڙ سال جون حالتون ۽ حڪومتي ۽ انتظامي سطح تي تياري نه ڏسي افسوس ٿئي ٿو. جڏھن ته چئوماسي جي مند صفا مٿان اچي بيٺي آهي. اھڙي حالت ۾ ضروري آهي ته جيترو ٿي سگهي، جلد ۽  تڪڙا اُپاءَ وٺڻ گهرجن. جهڙوڪ:

* نالين جي صفائي ھنگامي بنيادن تي ڪرائي پاڻيءَ جي نيڪال جا رستا صاف ڪيا وڃن.

* حفاظتي ۽ رليف ڪئمپن جي اڳواٽ تياري ڪئي وڃي.

* موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جھڙوڪ دادو، بدين، ٺٽي ۽ سانگهڙ ۾ ته بنا دير رليف ڪئمپون قائم ڪري صحت جون سھولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن.

* عورتن ۽ ٻارن جي حفاظت لاءِ ڌار ڌار انتظام ڪرڻ گھرجن.

* جانورن لاءِ چارو ۽ ڪئمپن ۾ رھندڙ ماڻھن جي لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

* ڪچي وارن علائقن جي سھائتا لاءِ رضاڪارن، اسڪائوٽ وارن ۽  استادن کي پڻ الرٽ رکيو وڃي.

* ڳوٺن جي سطح تي نوجوانن کي تربيت ڏني وڃي ته جيئن آفت جي وقت ان سان مُنھُن ڏيڻ جي انهن ۾ ڀرپور صلاحيت ھجي.

* زراعت جي تحفظ لاءِ به جوڳا قدم کڻڻ گهرجن.

* آبپاشي کاتي، زرعي اداري ۽ بينڪن کي گڏجي ويمو  پاليسي اسڪيمون فوري طور لاڳو ڪرڻ گهرجن.

* آبادگارن کي پاڻي نيڪال ۽ فصلن کي بيماريءَ کان بچاءُ بابت آگاھي ڏني وڃي، جيئن گهڻي نقصان کان بچي سگھجي.

* ماڻهن جي لڏپلاڻ لاءِ لاجسٽڪ تياري ڪئي وڃي ۽ جيڪي ڳوٺ ٻڏڻ جي امڪان ۾ اچي سگهن ٿا، انهن جي رھواسين کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ مڪمل رٿا بندي ڪئي وڃي.

* اھڙي وقت ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي وٽ ضلعي وار ريسپانس پلان ھجڻ گھرجي.

* مقامي اسپتالن ۽ اسڪولن کي ايمرجنسي ڪئمپن لاءِ تيار رکيو وڃي.

* سوشل ميڊيا، اخبارن، واٽس ايپ، ايس ايم ايس ۽ ريڊيو جي ذريعي وارننگ جو نيٽورڪ قائم ڪري ماڻهن کي الرٽ ڪرڻ جو مڪينزم جوڙيو وڃي.

قدرتي آفتن کي روڪڻ لاءِ ھونئن ته ڪنھِن جو به وس نٿو ھلي. پر انھن جي تباھي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ منصوبابندي، ايمانداري ۽ اڳواٽ بچاءُ جي تياري سان گهڻو ڪجھ ڪري سگھجي ٿو. گذريل سال اسان کي جيڪو  تباھيءَ جو منظر نامو ڏيکاريو، ھاڻي اھو اسان جي حڪومت ۽ رليف جي ادارن تي آھي ته انکي وساري ڇڏين يا ان جي بنياد تي اڳواٽ بچاءُ جا بندوبست ڪري نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪن. پر جيڪڏھن اسان جا ادارا اڳ وانگر ھاڻي به نه جاڳيا ته شايد وڌيڪ زور سان اُجاڙَ جو شڪار ٿيون.