واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) عام طور تي هڪ خاندان ۾ ٻن ماڻهن جي هڪ ئي تاريخ تي ڄمڻ جو امڪان تمام گهٽ ٿيندو آهي. پر آمريڪاسان تعلق رکندڙ نڪ ليمرٽ ۽ ڪرسٽين ليمرٽ جي گهر ۾ 25 آگسٽ هڪ تمام خاص ڏينهن هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ان تاريخ سندس چئن ئي ڌيئرن جو جنم ڏينهن هوندو آهي ۽ ها اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته اهي چارئي ڀينر گڏ نه پر مختلف سالن ۾ پيدا ٿيون آهن. گذريل 9 سالن دوران هن جوڙي کي حيرت انگيز طور تي مختلف سالن ۾ هڪ ئي تاريخ تي 4 ڌيئرون پيدا ٿيون. ڏکڻ ڪيرولائنا سان تعلق رکندڙ هن جوڙي 25 آگسٽ 2024 تي پنهنجي چوٿين ڌيءَ کي جنم ڏنو، ان ئي ڏينهن سندس 3 ڀينرون پنهنجو جنم ڏينهن ملهائي رهيون هيون.