چئني صوبن جي هارين ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا رد ڪري ڇڏيا، ملڪي سلامتي داءُ تي آهي: هاري ڪانفرنس

0
21
چئني صوبن جي هارين ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا رد ڪري ڇڏيا، ملڪي سلامتي داءُ تي آهي: هاري ڪانفرنس
چئني صوبن جي هارين ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا رد ڪري ڇڏيا، ملڪي سلامتي داءُ تي آهي: هاري ڪانفرنس

ڀٽ شاھه(ن پ ا) سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي زمينن جي وڪري خلاف ڀٽ شاهه ۾ هزارين هارين جو ملڪگير هاري ڪانفرنس منعقد ڪيو ويو، سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي هاري اڳواڻن ڇهه نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪري ڇڏيو، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن جو ڪم فوري طور روڪي سنڌوءَ جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جي سهڪار سان پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي طرفان ڀٽ شاهه ۾ ملڪگير هاري ڪانفرنس دوران سموري ملڪ جي هارين سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ اڪثريت راءِ سان قراردادون منظور ڪري ورتيون، ملڪگير هاري ڪانفرنس گرين پاڪستان منصوبن کي هاري دشمن منصوبا قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، زرعي ٽيڪس بل زراعت تي حملو قرار ڏنو ويو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻايو ويو آهي، آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن جي فرمائش تي ميڊيا ۽ عدليا کي قيد ڪيو ويو آهي، 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ پاس ڪيا ويا آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌين کان ڦري غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته گرين پاڪستان، زرعي انقلاب، اڙان پاڪستان جهڙن خوبصورت نعرن ذريعي هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، ملڪ وڪرو ڪيو پيو وڃي، ملڪ جون زمينون غيرملڪي ڪمپنين کي ڏئي ملڪي سالميت داءُ تي لڳائي وئي آهي، پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو ڏئي سنڌي قوم کان ٽئين شيون ڦري ورتيون، هاڻي وري بلاول_شهباز اتحادي سرڪار گرين پاڪستان جو نعرو هڻي، سرسبز سنڌ کي ريگستان بڻائڻ چاهي ٿي. پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته پنجاب ۾ اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ۽ سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي پاڻي جي منصفانه ورڇ لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌو درياءَ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪيو وڃي ۽ زمينون بي زمين هارين ۽ آبادگارن ۾ ورهايون وڃن سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي هارين کي غلام بڻائي سنڌ درياهه وڪرو ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري سنڌ کي اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جو اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو ڪارو دور آهي، پيپلز پارٽي آمرن ۽ جابرن کان وڌيڪ سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي مڙهيل جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري، سنڌو درياهه جو تحفظ ڪرڻ سنڌ جي هارين جو اولين فرض آهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته مريم نواز هڪ اداري جي سربراهه سان گڏجي چولستان ۾ گرين پاڪستان منصوبي جو افتتاح ڪري، سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي سازش کي عملي جامو پهرايو آهي، پيپلز پارٽي جي مجرماڻي ماٺ ٻڌائي ٿي ته پيپلز پارٽي صدارتي سيٽ عيوض سنڌو درياهه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چولستان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو پيو وڃي، هڪڙي پاسي چولستان جي زمينن تي قبضا ڪري، مقامي هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف سنڌ جو پاڻي چورائي، انهن قبضا ڪيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال ٺاهيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ ڪمپنين کي سنڌو درياهه جو پاڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي، صدر زرداري سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا نيلام ڪرڻ لاءِ اقتدار تي ويهاريو ويو آهي، صدارتي سيٽ عيوض صدر زرداري سنڌ وڪرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سموري ملڪ جي هارين جا اڪثر مسئلا ساڳيا آهن، هارين کي فصلن جو مناسب اگهه نٿو ملي. ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سموري ملڪ ۾ هارين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. چولستان جيان سنڌ جي ڪاڇي، ٿر، عمرڪوٽ سميت سنڌ جي چپي چپي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، گولاڙچي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڳوٺاڻن کي جبري طور لڏايو پيو وڃي،عوامي ورڪرز پارٽي جي فيڊرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته سنڌو درياه مان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ ختم ڪريو. ڪارپوريٽ فارمنگ ختم ڪري زمينون بي زمين هارين کي ڏيو. ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن تي رعايتي اگهه جو فيصلو ڪري عمل ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته پيڪا قانون ۽ ايس آئي ايف  سي جهڙا ادارا ٺاهڻ بند ڪيا وڃن. پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي سيڪريٽري فاروق طارق چيو ته پنجاب ۾ اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ۽ سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي پاڻي جي منصفانه ورڇ لاءِ وڙهي رهيا آهيون اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌو درياءَ تي ڇهن نون ڪينالن جي تعمير کي فوري طور تي روڪيو وڃي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي ختم ڪيو وڃي ۽ زمينون بي زمين هارين ۽ آبادگارن ۾ ورهايون وڃن پيپلز پارٽي سنڌ جي هارين کي غلام بڻائي سنڌ درياهه وڪرو ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جاگيرداري نظام کي مضبوط ڪري سنڌ کي اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جو اقتداري دور سنڌ جي تاريخ جو ڪارو دور آهي،